استنبول (م ڊ) ترڪيه جي خابرو ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته گڏيل عرب امارات کي رقم واپس ڪرڻ بعد سعودي عرب ۽ قطر پاڪستان کي 5 ارب ڊالر ڏيڻ جو امڪان آهي، ترڪيه ميڊيا موجب گذريل ڏينهن سعودي ناڻي واري وزير ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب وڌندڙ مالي دٻاءُ ۽ خرچن جي حوالي سان پاڪستان کي مالي مدد جي خاطري ڪرائي وئي، رپورٽ موجب پاڪستان طرفان سعودي عرب کان وڌيڪ مالي مدد جي درخواست ڪئي وئي، جنهن ۾ موجوده ڪيش ڊپازٽس ۾ واڌ ۽ آئل فنانسنگ فيسليٽي جي مدت ۾ واڌ شامل آهي، جيڪا هن مهيني جي آخر ۾ ختم ٿي رهي آهي، ترڪيه ميڊيا اهو به ٻڌايو ته ملاقات ۾ اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سميت ٻيا اعليٰ پاڪستاني عملدار به شامل هئا ۽ ڳالهه ٻولهه جو مرڪز معاشي سهڪار ۽ علائقائي صورتحال هو، ذريعن موجب سعودي عرب ۽ قطر پاڪستان کي 5 ارب ڊالر جي مالي سهائتا جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن سان پاڪستان جي پرڏيهي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ ادائيگين ۾ مدد ملندي، هڪ سينيئر پاڪستاني عملدار موجب پاڪستان اپريل جي آخر تائين گڏيل عرب امارات کي 3.5 ارب ڊالر واپس ڪندو، ڇو ته ابوظهبي فوري ادائيگي جي درخواست ڪئي آهي.
جنگ سبب دبئي تباهه؟سيڙپ ڪارن جي واپسي
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) متحده عرب امارات خاص طور تي دبئي، ايران جنگ کان پوءِ معاشي ۽ راندين جي ميدان ۾ دٻاءُ جو شڪار ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سيڙپڪار به بيچيني جو اظهار ڪري رهيا آهن، پاڪستان پاران امارات کي پنهنجو قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو آهي،دعويٰ ڪئي وئي ته پاڪستان لڳ ڀڳ 3.5 ارب ڊالر واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن امارات کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇو ته امارات کي اميد نه هئي ته پاڪستان ايتري جلدي قرض واپس ڪندو۔ امارات ان قرض کي سياسي دٻاءُ طور استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي، خاص طور ايران خلاف پاليسين ۾ اثرانداز ٿيڻ لاءِ، پر پاڪستان جي فيصلي سان اهو امڪان ختم ٿي ويو،ٻئي پاسي اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ PSL 11 ۾ کيڏندڙ ٻن رانديگرن کي واپس گهرائي ورتو۔ انهن رانديگرن ۾ محمد وسيم ۽ خُزيمه بن دلويئر (جيڪو ڪراچي ڪنگز سان لاڳاپيل هو) شامل آهن۔دعويٰ موجب، انهن رانديگرن کي واپس گهرائڻ لاءِ امارات طرفان مقامي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ “D50” کي جواز بڻايو ويو، پر ان کي ڪمزور سبب قرار ڏنو ويو، امارات پنهنجي ويجهي اتحادي ڀارت وانگر راندين ۾ سياست آڻڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو عڪس آهي۔