حيدرآباد(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي صحت کاتي لمس جي ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ کي اسٽاف سان خراب سلوڪ ۽ بدتميزي واقعن تي هٽائي ڇڏيو آهي،ڊي جي هيلٿ پاران جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ تي الزام ثابت ٿيا،انڪوائري ڪميٽي جي سربراهي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر وقار ميمڻ ڪئي،ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ کي پنهنجي اباڻي ضلعي سکر ۾ تعلقه اسپتال پنوعاقل ۾ صحت واري وزير جي منظوري سان مقرر ڪيو ويو آهي،ڪميٽي ڊاڪٽر مجيب خلاف الزامن جي جاچ جي سلسلي ۾ لياقت يونيورسٽي اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ شعبن جو دورو ڪيو،ان پروفيسرن، اسپيشلسٽس، ميڊيڪل آفيسرن، پيرا ميڊيڪل عملي جا انٽرويو ڪيا،ملازمن جي اڪثريت ڊاڪٽر مجيب الرحمان خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ هن خلاف گٿن لفظا ڳالهائڻ،بدتميزي ۽ غيرپيشيوراڻي رويي جون شڪايتون ڪيون،ڊيٽنل سرجن طور مقرر ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ کي سڀ کان پهرين ته اي ايم ايس جنرل جي عهدي تي مقرر ڪرڻ به صابطن جي خلاف هو پر لمس انتظاميا ۽ صحت کاتي ان ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو،انڪوائري ڪميٽي ڊاڪٽر مجيب الرحمان خلاف سخت ڊسپلينري ايڪشن جي سفارش به ڪئي آهي ۽ اهو به چيو آهي ته کيس ڪنهن انتظامي عهدي تي مقرر نه ڪرڻ گهرجي،تعليمي قابليت سبب هن کان ڊينٽل سرجن جون ئي خدمتون وٺڻ گهرجن ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ ٻڌايو ته مون خلاف الزامن جا ثبوت انڪوائري ڪميٽي کي فراهم نه ڪيا ويا