اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي وچ ۾ تاريخي ڳالهين جو باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. ذريعن موجب ڳالهين جو پهريون دور اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن کي شروعاتي طور تي هاڪاري قرار ڏنو پيو وڃي. ڇڪتاڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران جا وفد پهريون ڀيرو هڪ ميز تي ويٺا آهن. پاڪستاني سرڪاري ذريعن ۽ وائيٽ هائوس تصديق ڪئي ته ڳالهيون ٿي رهيون آهن. عرب ٽي وي موجب، جي ڊي وينس ۽ ٻين آمريڪي عملدارن اسلام آباد ۾ ايراني وفد جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، اسلام آباد جي سرينا هوٽل ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن پيغامن جي مٽاسٽا کانپوءِ سڌوسنئون ڳالهيون شروع ڪيون. پهرين مرحلي ۾ پاڪستاني اختيارين آمريڪي ۽ ايراني وفدن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ٻنهي ملڪن جي نمائندن کي هڪ ئي ميز تي آندو ويو. آمريڪي نائب صدر جَي ڊي وينس، اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ايراني اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان سڌوسنئون ڳالهيون ڪيون. هيءَ تاريخي ملاقات پاڪستاني فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگيءَ ۾ ٿي، جيڪو پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي رهيو آهي. ٻنهي ملڪن جي وفدن پاران ورڪنگ ڊنر کي اعتماد جي بحاليءَ لاءِ هڪ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ماحول انتهائي خوشگوار رهيو ۽ شروعاتي نتيجا ٻنهي ملڪن توڙي خطي جي امن لاءِ انتهائي حوصلا افزا آهن. ٻنهي ڌرين وچ ۾ پاڪستاني ٽياڪڙن جي موجودگي ۾ سربراهن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ذريعن موجب، شروعاتي ڳالهه ٻولهه هاڪاري رهي. پرڏيهي وزارت جي ذريعن موجب، مختصر وقفي کانپوءِ ڳالهين جو ٻيو دور ماهرن جي سطح تي شروع ٿيو، هن مرحلي ۾ ٻنهي ڌرين طرفان پيش ڪيل مطالبن جي ٽيڪنيڪل رخن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي ملڪن جي ماهرن لکت ۾ تجويزن ۽ متن جي مٽاسٽا ڪئي. ايراني حڪومت پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان موجب، اهي ڳالهين هاڻي ماهرن جي سطح تي پهچي چڪيون آهن، جن ۾ معاشي، فوجي، قانوني ۽ ائٽمي ڪميٽيون پڻ شامل آهن. اسلام آباد جي سرينا هوٽل ۾ هي ڪميٽيون معاهدي جي فني تفصيلن تي ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن جنگ بندي کي پائيدار امن ۾ تبديل ڪري سگهجي. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي وقفي تي ورڪنگ ڊنر پڻ ڪيو. سرڪاري ذريعن موجب، ڳالهيون اڄ به جاري رهڻ جو امڪان آهي. آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس سان گڏ جيرڊ ڪشنر، اسٽيو وٽڪوف ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار اينڊريو بيڪر ۽ ايشيائي معاملن جو صلاحڪار مائيڪل وينس شامل آهن، ٻين ماهرن سميت مختلف معاملن جي ماهرن جي ٽيم به موجود آهي، جڏهن ته ايراني وفد جي اڳواڻي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ڪري رهيو آهي، جنهن سان گڏ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ مرڪزي بئنڪ جو گورنر ناصر همتي سميت ٽيڪينڪل ماهر پڻ موجود آهن. ايراني صدر مسعود پزيشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندن وفد پوري قوت سان ايراني مفادن جو تحفظ ڪندو ۽ جرئت مندي سان مصروف رهندو. پنهنجي ايڪس بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ عوام جي خدمت جو سلسلو نه بيهندو ۽ ڳالهين جو جيڪو به نتيجو نڪرندو، حڪومت عوام سان گڏ بيٺل رهندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ميڊيا کي اهو چوڻ پسند آهي ته ايران کٽي رهيو آهي پر حقيقت اها آهي ته اهو هارائي رهيو آهي. آمريڪي ۽ ايراني وفدن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ڌار ڌار ملاقاتون پڻ ڪيون. هوڏانهن آمريڪا سان ڳالهين لاءِ پاڪستان آيل وفد ۾ شامل ايران جي مرڪزي بينڪ جي گورنر ڊاڪٽر ناصر همتي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل اڳڀرائي جي ضرورت تي زور ڏنو. ياد رهي ته اهي ڳالهيون وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ٻن هفتن جي جنگ بندي کانپوءِ شروع ٿيون آهن. ايران پاران پيش ڪيل 10 نڪاتي منصوبي ۾ ايران جي نئين سر تعمير جا خرچ ۽ اثاثن جي واپسي جهڙا مطالبا شامل آهن، جن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هاڪاري ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پهرين مرحلي ۾ اڳڀرائي ٿي ته ٻنهي ملڪن جي وفدن جي سڌوسنئون ملاقات پڻ ڪرائي ويندي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ آمهون سامهون 3 ڌريون ڳالهيون تاريخي واقعو آهن جنهن ۾ پاڪستان ٽياڪڙ آهي. هي 1979ع ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ ترين سطح تي آمهون سامهون ڳالهيون آهن.
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) اسلام آباد ۾ جاري آمريڪا ۽ ايران جي ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي کانپوءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي ڳالهيون اڄ پڻ جاري رهنديون. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين پاران پاڪستاني ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڳالهين جو دائرو وڌايو پيو وڃي ته جيئن پيچيده معاملن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي. وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 47 سالن جي پراڻي ڇڪتاڻ ۽ دشمني کي ختم ڪرڻ ڪو معمولي ڪم ناهي. هن چيو ته، ”ڪڏهن ڪڏهن ڏهاڪن جا مسئلا ٻن يا ٽن ڪلاڪن جي ويهڻ سان طئي ناهن ٿيندا، ان ڪري ڌريون پنهنجي قيادت سان مشاورت ڪري رهيون آهن ته ڪهڙن نڪتن تي اڳتي وڌجي ۽ ڪٿي لچڪ ڏيکاري وڃي. قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻنهي ملڪن کي هڪ ئي ميز تي ويهاري پنهنجو مخلصاڻي ٽياڪڙ وارو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهيون 10 اپريل تائين هيون، پر جيئن ته اڳڀرائي هاڪاري آهي، ان ڪري ڳالهين کي اڄ تائين وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هي ڳالهين خطي جي امن لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ پاڪستان پراميد آهي ته ان جا نتيجا عالمي سلامتيءَ لاءِ حوصلا افزا نڪرندا.