اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي ايران سان ڳالهين لاءِ پاڪستان آمد کان اڳ ئي ملڪي سوشل ميڊيا تي ميمز جي ڀرپور لهر ڇائنجي وئي آهي. جتي هڪ طرف اسلام آباد عالمي سفارتڪاريءَ جو مرڪز بڻيل آهي، اتي پاڪستاني واهپيدار پنهنجي مخصوص طنز ۽ مزاح ذريعي هن دوري کي دلچسپ بڻائي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ وائرل ٿيندڙ ميمز ۾ جي ڊي وينس کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجو آءِ فون پاڪستان اچڻ کان اڳ پي ٽي اي کان اپروو ڪرائي اچي، ٻي صورت ۾ هتي سندس فون نه هلندو. ڪجهه واهپيدارن ميمز شيئر ڪيون ته جي ڊي وينس کي آچر بازار ۾ پنهنجي اها شرٽ وڪامندي نظر ايندي جيڪا هن اڳ ئي ڪٿي صدقي ۾ ڏني هوندي. ان کان سواءِ، ”يتو پاڪستان، ندا ياسر جو شو جهڙيون ميمز به واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن. ميمز ۾ کيس نيرن ۾ نِهاري کائڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا فرضي ميسيجز وصول ڪرڻ جهڙن موقعن تي به ڏيکاريو ويو آهي. انهن ميمز مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني عوام جتي سنجيده عالمي معاملن تي نظر رکي ٿو، اتي طنز ۽ مزاح جو موقعو به هٿان وڃڻ نٿو ڏئي.