عالمي سطح تي تعريف آهي ته حڪمران ملڪ ۾ به ظلم جو نظام ختم ڪن;حافظ نعيم الرحمان

لاهور(بيورو رپورٽ/ پ ر) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي پاڪستان جي تعريف ٿي رهي آهي ته پوءِ ملڪ اندر به ظلم ۽ استحصال جو نظام ختم  ٿيڻ گهرجي. ملڪ آقائن، جاگيردارن، بيوروڪريسي ۽ عدالتن جي نظام سان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون فوري طور تي گهٽ ڪرڻ گهرجن. جماعت اسلامي ظلم جي نظام جي خاتمي ۽ عوامي حقن لاءِ وڙهندي رهندي ۽ پنجاب ۾ هڪ وڏي طاقت بڻجي اڀرندي. انهن خيالن جو اظهار هن گوجرانوالا ۾ عوامي ڪميٽيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. جماعت اسلامي جي امير اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي 25 اپريل کان عوامي رابطي ۽ ميمبرشپ مهم شروع ڪندي. جماعت اسلامي ايندڙ ڪنهن به مڪاني چونڊن ۾ 100 سيڪڙو سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي پاڪستان جي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي تعريف ڪري ٿي، پر جيستائين عوام کي حڪمرانن تي اعتماد نه هوندو، پاڪستان حقيقي طور تي پاڪستان نه ٿو بڻجي سگهي. هن صوبن ۾ گورننس جي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته پنجاب ۾ 10 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن،  وزيراعليٰ اربين رپين جي جهاز ۾ سفر ڪري ٿي .جماعت اسلامي جي امير منصوره ۾ جامع مسجد ۾ جمعي جي هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي ماڻهن تي واضح ڪيو ته اسلامي نظام مسئلن جو حل آهي.  حافظ نعيم الرحمان چيو ته ٽرمپ خدا جي آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو، آمريڪا ۽ اسرائيل جو خيال هو ته اهي ايران ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ڪندا، ايراني قيادت جون پاڙون عوام ۾ آهن، قوم متحد آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن عزم سان نوآبادياتي نظام جو مقابلو ڪيو، جماعت اسلامي ايرانين جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.