ميرپور خاص (بيورورپورٽ) هراسمينٽ جو شڪار بڻيل نجي ميڊيڪل ڪاليج شاگردياڻي فهميده لغاري جي ڪيس ۾ نامزد 05 جوابدارن مان پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي، پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب وارثن توڙي سياسي سماجي سول سوسائٽي مذهبي ۽ وڪيل برادري ۾ سخت تاءُ ڦهليل آهي وارثن پاران پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ وقت حد جي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او حق نواز پاران رنڊڪون وجھڻ ۽ وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ جرواري شاخ تي ڌرڻو هڻڻ بعد ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او سٽلائٽ ٽائون تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس جي جاچ اولڊ ميرپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪامران هاليپوٽو جي حوالي ڪئي وئي آهي جنهن جاچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته فهميده لغاري جي پوسٽ مارٽم وقت ڊي اين اي ٽيسٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتل جزا سول اسپتال ميرپورخاص مان سيل ڪري رپورٽ ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل پوليس حوالي ڪيا ويا آهن، جزن جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ بعد حتمي رپورٽ جاري ڪئي ويندي ٻيطرف صوبائي وزير سياحت ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه شاگردياڻي فهميده لغاري جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين انصاف جي فراهمي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي هن چيو ته ته ان واقعي تي پوري سنڌ افسرده آهي فهميده لغاري جي وارثن کي انصاف جي فرامي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير، وزير قانون نوٽيس ورتو آهي جڌهن ته صوبائي وزير يونيورسٽيز سان به ڳالهائي واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي، ڪيس جي حوالي سان منهنجي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سان ڳالھ بولھه ٿي آهي جنهن ۾ هنن مڪمل جاچ ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي پوليس پاران وارثن جي ڀيان موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جلد جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري پاران هراسمينٽ سبب آپگھات ڪرڻ جو پي ايم ڊي سي پاران پڻ نوٽيس ورتو ويو آهي، پي ايم ڊي سي جي ميرپورخاص جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته واقعي جي حوالي سان سامهون ايندڙ الزام انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن جن جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ ضروري آهي هن چيو ته پي ايم ڊي سي جي مطابق واقعي جي حوالي سان تمام رڪارڊ، انڪوائري رپورٽ ۽ اداري جي رپورٽ طلب ڪئي پئي وڃي جنهن جو جائزو وٺڻ بعد وڌيڪ ڪاروئي ڪئي ويندي، ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ هراسمينٽ جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽين جو موثر هجڻ ضروري آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي قانوني جي ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ضرري آهن ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪرڻ گھرجي، ٻئي پاسي هراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ خانگي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي قاتلن جي گرفتاري ۽ واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ شاگردياڻي جي وارثن، شهر جي سياسي سماجي سول سوسائٽي جي عورت مرد اڳواڻن ۽ شاگرد ايڪشن ڪاميٽي پاران ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ٽول پلازه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڇڏيو، ڌرڻي سبب ٽول پلازه تي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن امر سنڌو، لالا اظهر پٺاڻ، نور محمد مري، واجد لغاري، مشتاق لغاري، شاگردياڻي جي مامي افتخار لغاري، امتياز لغاري ۽ ٻين چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ويندڙ شاگردياڻين کي هراسمينٽ جو نشانو بڻائڻ وارن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، شاگردياڻيون هاڻ پاڻ کي تعليمي ادارن ۾ غير محفوط سمجھڻ لڳيون آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر جتي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو اڳ ئي گھٽ رواج رهيو آهي جنهن کي سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن جي ڪوششن سان نياڻين کي تعليم ڏيارڻ وارن انگن ۾ واڌ اچي رهي آهي اهڙن واقعن بعد وارث خوف وچان پنهنجين نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندا جنهن سان پوري سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم تي وڏو اثر پوندو ۽ تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جو انگ گھٽجي ويندو مٿان وري هراسمينٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻين کي انصاف فراهم نه ٿيڻ وڏو سانحو آهي جنهن ملڪ ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻو پوي اتي پوري انصاف جي ڪهڙي اميد ڪري سگھجي ٿي، هنن چيو ته وارثن ۽ سول سوسائٽي جي احتجاج بعد ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڪيس داخل ٿيڻ کي 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي جنهن سان واضح ٿي رهيو آهي ته پوليس ڪيس کي اينگھائي جوابدارن کي ضمانتون ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪري رهي آهي، اسان کي ميرپورخاص پوليس ۽ سندس جاچ تي اعتماد ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ فهميده لغاري ۽ سندس وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا ۽ عدالتن سان به رابطو ڪيو ويندو.
فهمده واقعو سنڌ جي نياڻين جي تعليم خلاف خطرناڪ سازش آهي: سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ اڳواڻ
حيدرآباد (پ ر) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائز ڪونج لاشاري ،مرڪزي سيڪريٽري پرھ ملاح، ساجده پرهياڙ، تهمينه لاشاري ۽ ٻين پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ميرپورخاص جي ميڊيڪل شاگردياڻي فهميده لغاري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شاگردياڻي جي هراسان ٿيڻ بعد خودڪشي ڪرڻ وارو واقعو انتهائي دردناڪ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن لاءِ وڏو الميو آهي. اهو واقعو سنڌ جي نياڻين جي تعليم خلاف خطرناڪ سازش آهي.،مرڪزي اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته تعليمي ادارن ۾ نياڻين لاءِ محفوظ ماحول نه هجڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ دوران پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿيون ته اهو رڳو فردي ناڪامي نه پر پوري نظام جي ناڪامي آهي. هنن چيو ته حراسان ڪرڻ وارا عنصر آزادي سان گهمن ٿا ۽ متاثر شاگردياڻين کي انصاف نٿو ملي، جنهن سبب اهڙا المناڪ واقعا پيش اچن ٿا. پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي غير سنجيدگي سبب ڪيترن ئي ڪيسن ۾ انصاف دفن ٿي وڃي ٿو. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته فهميده لغاري واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪرائي وڃي.
ميرپورخاص جي مسجدن ۾ شاگردياڻي جي مغفرت لاءِ دعائون
ميرپورخاص: ميرپورخاص جي نجي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري پاران ڪاليج جي انتظاميا ۽ شاگردن جي هراسمينٽ سبب آپگھات ڪرڻ واري واقعي تي جمعي واري ڏينهن شهر جي تمام مسجدن ۾ شاگردياڻي جي مغفرت جي لاءِ دغا گھري وئي جڏهن ته مسجدن ۾ مذهبي اڳواڻن پاران واقعي جي عدالتي جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قراردادون پاس ڪيون ويون ان موقعي مولانا حفيظ الرحمٰن فيض ۽ ٻين پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ پوليس جي نااهلي سبب جوابدارن جي عدم گرفتاري کي مذمت جوڳو قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هراسمينٽ جو شڪار ڪندڙن بگھڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري هراسمينٽ مافيا جو تعليمي ادارن مان خاتمون آندو وڃي، جيڪڏهن شاگردياڻي جي وارثن کي انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو
فهميده لغاري واقعو آپگهات قرار، شروعاتي رپورٽ پڌري
ميرپورخاص: ميرپورخاص جي نجي ميڊيڪل ڪاليج جي انتطاميا ۽ شاگردن جي هراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري جي ابتدائي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي اسپتال جي ذريعن موجب شروعاتي رپورٽ ۾ شاگردياڻي کي هڪ گولي لڳي جيڪا جسم مان آر پار ٿي وئي جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو جڏهن ته سندس موت کي آپگھات قرار ڏنو ويو آهي، شروعاتي رپورٽ ۾ شاگردياڻي سان ڪنهن قسم جي جسماني توڙي جنسي زيادتي جا نشان نه ملڻ جو ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته موت، جنسي توڙي جسماني تشدد جي حتمي رپورٽ ڊي اين اي سميت ٻين ٽيسٽن سان مشروط ڪيو ويو آهي ۽ حتمي رپورٽ ڊي اين اي سميت ٻيون ٽيسٽون اچڻ بعد حتمي طور فيصلو رپورٽ جاري ڪرڻ جو ڄاڻايو ويو آهي.
فهميده لغاري جي واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ميرپورخاص واسڻ شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي هراسمينٽ بعد آپگهات ڪرڻ واري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، گهوٽڪي ۾ جسقم پاران ميرپورخاص واسڻ شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي حراسمينٽ بعد آپگهات ڪرڻ واري واقعي خلاف رشيد سنڌي، محبوب گهوٽو، لطيف ميراڻي، وهاب سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي نياڻي کي حراسان ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ميرپورخاص ۾ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻي فھميده لغاري واري واقعي خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر شاهنواز ڪٽوهر، ذاڪر رند، آصف ٻُگهيو، صبا، سيما ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي شاگردن احتجاج ڪندي ٻُڌايو ته ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري کي مبينا طور ذهني ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب هوءَ اهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ۽ خودڪشي ڪئي، هي ڪو پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به اهڙا ڪيترائي افسوسناڪ واقعا يونيورسٽين اندر پيش اچي چُڪا آهن جن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا احتجاج ڪندڙن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ فهميده لغاري کي مبينا طور حراسان ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، عمرڪوٽ، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ قومپرست ۽ ٻين ڌرين پاران فهميده لغاري جي واقعي ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي جو آپگهات، پي ايم ڊي سي پاران جاچ جو مطالبو
ميرپورخاص/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي هڪ 21 سالن جي شاگردياڻي جي مبينا آپگهات واري واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هي واقعو 8 ۽ 9 اپريل جي وچ واري رات پيش آيو، جنهن کانپوءِ شاگردياڻي جي وارثن هڪ استاد ۽ ڪجهه ساٿي شاگردن تي کيس هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. پي ايم ڊي سي جي صدر ڊاڪٽر رضوان تاج پنهنجي بيان ۾ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هراسان ڪرڻ جا الزام انتهائي سنگين آهن. هن سنڌ حڪومت جي جاچ جي حمايت ڪندي چيو ته اداري کي واقعي جو پورو رڪارڊ پي ايم ڊي سي کي فراهم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. ڊاڪٽر رضوان تاج وڌيڪ چيو ته گذريل سال ئي سمورن ميڊيڪل ڪاليجن کي اينٽي هراسمينٽ ڪميٽيون جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ ان تي عمل نه ڪرڻ قاعدن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جي شڪايت اداري جي سطح تي حل نٿي ٿئي ته هو سڌو سنئون پي ايم ڊي سي کي شڪايت ڪري سگهي ٿو.ٻئي طرف، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي هراسان ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي هڪ ڪميٽي جوڙي 10 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.