سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي ۽ پ پ ميمبر هٿين پئجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ سٽي ڪائونسل اجلاس دوران جماعت اسلامي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل ميمبرن وچ ۾ سخت جهيڙو ٿي پيو، اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ جي تقرير کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي جي ميمبر نجمي عالم ڳالهائڻ شروع ڪئي ته ايوان ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ان کان پوءِ جماعت اسلامي جي ميمبرن ميئر جي ڊائيس اڳيان احتجاج ۽ نعريبازي شروع ڪئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جا ميمبر به اٿي بيٺا ۽ ٻنهي ڌرين جي ميمبرن هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ۽ هٿين پئجي ويا، جماعت اسلامي جي ميمبرن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ميئر اجلاس جاري رکيو ۽ جهيڙي باوجود لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين اجلاس هلندو رهيو، واڪ آئوٽ جي  باوجود ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين جا ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا، جڏهن ته پوءِ اپوزيشن ليڊر جي قيادت ۾ واپسي تي کين ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، جنهن تي ٻيهر احتجاج ٿيو، بعد ۾ ميئر ڪراچي اجلاس غيرمعين مدت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، اجلاس کان پوءِ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب جماعت اسلامي کي ايوان ۾ موقعو مليو، ٻي صورت ۾ کين موقعو نه ملي ها، 2001 ۽ 2023 ۾ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ جو فائدو به جماعت اسلامي کي ٿيو، ٻئي طرف اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ الزام لڳايو ته ميئر جي اشارن تي چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرايون ويون ۽ ٻاهر کان ماڻهو آڻي ڪائونسل ۾ ويهاريا ويا جن تشدد ڪيو، هن چيو ته هو چاهين ٿا ته ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي اجلاس سٺي ماحول ۾ هجي، پر پيپلز پارٽي جو ايجنڊا ڪجهه ٻي هئي ۽ ٻاهر کان آيل ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.