جنگ بندي لاءِ حڪومتي ڪوششن کي عوام جي ڀرپور حمايت: سروي

اسلام آباد (بيورو) گيلپ پاڪستان پاران جاري ڪيل تازي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت  جي ڪوششن کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. 8 ۽ 9 اپريل تي ڪيل هن سروي موجب، 93 سيڪڙو پاڪستاني حڪومت جي امن ڪوششن کي ساراهيو آهي. سروي جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 82 سيڪڙو عوام حڪومت جي سفارتي متحرڪ ٿيڻ کان واقف آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ اڌ آبادي (46 سيڪڙو) کي هڪ وڏي امن ڊيل ٿيڻ جي اميد آهي. پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار بابت پڇيل سوال تي 72 سيڪڙو ماڻهن ان جي پُرزور حمايت ڪئي، جڏهن ته ٽياڪڙي کان پاسو ڪرڻ وارن جو انگ انتهائي گهٽ رهيو. رپورٽ موجب، 80 سيڪڙو شهري پراميد آهن ته هن جنگ بندي کانپوءِ خطي ۾ مستقل امن جو دور شروع ٿيندو. ان پراميد ماڻهن مان 44 سيڪڙو جو يقين آهي ته اهي ڪوششون ضرور رنگ لائينديون. هي سروي هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن پاڪستان عالمي سطح تي امن جي داعي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

معصوم رت وهائڻ جو ڪو جواز نٿو بڻجي: پوپ ليو

ويٽڪن سٽي (ع ) ڪيٿولڪ مسيحي برادري جي مذهبي پيشوا پوپ ليو چيو آهي ته ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي. هڪ بيان ۾ پوپ ليو چيو ته جنگ ۽ مفادن جي هوس  مقدس ماڳن جي بي حرمتي ڪئي، مقدس ماڳن تي غير انساني ۽ بي معنيٰ تشدد تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي، ڪو به فائدو ٻارن ۽ خاندانن جي جانين کان وڌيڪ نٿو ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.