اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف قوم کي هڪ اهم خطاب دوران ڊيزل جي قيمت ۾ 135 رپيا ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچائڻ سندس اولين ترجيح آهي. نئين اعلان کانپوءِ ڊيزل جي قيمت 385 رپيا ۽ پيٽرول جي قيمت 366 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آمريڪا-ايران ڳالهين کي تاريخ ساز موقعو قرار ڏيندي چيو ته جيڪي ڌريون ڪلهه جنگ جي ميدان ۾ هڪ ٻئي جي آڏو هيون، اهي اڄ پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ ڳالهين لاءِ تيار آهن. هن ان ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ٽيم ۽ خاص طور تي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي ڏنو، جنهن لاءِ هن چيو ته سندس خدمتن کي تاريخ سونهري اکرن سان ياد رکندي. شهباز شريف چيو ته هن حڪومت تي دٻاءُ هو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي وارو حصو سرڪاري خرچن تي لڳايو وڃي، پر هن اها تجويز رد ڪري سڌو رليف عوام کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن قوم کي دعا جي اپيل ڪئي ته الله تعاليٰ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ انهن امن ڳالهين کي ڪامياب ڪري ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. هن پڻ واضح ڪيو ته هارين لاءِ لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ عوامي ٽرانسپورٽ تي سبسڊي جاري رکي ويندي.