ڪراچي/واشنگٽن (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي هاڪاري نتيجن سبب عالمي معيشت ۾ استحڪام جا آثار پيدا ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ وڏي تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، تيل جي عالمي منڊي ۾ ڊبليو ٽي آءِ تيل جي قيمت گهٽجي 97 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته برينٽ خام تيل 95.37 ڊالر تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. سياسي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سبب سپلاءِ چين جي بهتريءَ جي اميدن تيل جي اگهن کي گهٽائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي 100 انڊيڪس ۾ 1,993 پوائنٽن جو وڏو اضافو ٿيو ۽ مارڪيٽ 1 لک 67 هزار 457 جي بلند سطح تي بند ٿي. جاپان، ڏکڻ ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به هاڪاري رجحان رهيو، جنهن سان سيڙپڪارن جي سيڙپ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.