پاڪستان امن جو داعي بڻجي اڀريو، ذميوار رياست جو ڪردار ادا ڪيو: نواز شريف

لاهور (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان اڄ دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري ورتو آهي ۽ امن جو داعي بڻجي اڀريو آهي. گورنر سنڌ سيد نهال هاشمي سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي عالمي امن لاءِ سٺو سنوڻ آهي ۽ پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور ان ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته عالمي تڪرارن جو حل جنگ نه پر رڳو ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ ۾ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اها جنگ بندي مستقل عالمي امن جو بنياد بڻبي. ٻئي طرف وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي بي مثال ڪوششن دنيا کي ٽئين عالمي جنگ جي خطرن کان بچائي ورتو آهي. هن چيو ته ”معرڪا حق“ کانپوءِ اڀرندڙ پاڪستان هاڻي دنيا ۾ امن جو مرڪزي ڪردار بڻجي چڪو آهي. مريم نواز موجب، ايران ۽ آمريڪا جو ڳالهين جي ميز تي اچڻ اربين انسانن لاءِ سڪون جو پيغام آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.