زندگيءَ جو اسڪرپٽ : اسان جي پنهنجي قلم جو ڪرشمو

ساڀيان سانگي

زندگي ڪنهن اڻکٽ ڪهاڻيءَ وانگر آهي، جنهن جو هر لمحو هڪ نئين سِٽ  بڻجي اسان جي تاريخ جي صفحي تي لکجي ٿو. عام طور تي چيو ويندو آهي ته تقدير جا لکيا ناهن مٽبا، پر حقيقت اها آهي ته اسان جي عملن، فيصلن ۽ احساسن جو قلم مسلسل اسان جي زندگيءَ جو اسڪرپٽ لکي رهيو هوندو آهي. اسان پنهنجي ڪهاڻيءَ جا نه رڳو مرڪزي ڪردار آهيون پر ان جا ليکڪ  پڻ پاڻ ئي آهيون.

اسان جي زندگيءَ جي اسڪرپٽ ۾ ٻن قسمن جا لفظ تمام گهڻو اهم آهن، ھڪڙا لفظ، ڏکن جا موتي ۽ ٻيا لفظ سکن جا گل.

سکن جا لفظ  اسان جي ڪهاڻيءَ ۾ روشني، اميد، سڳنڌ ۽ سونهن ڀرين ٿا. اهي اسان جي ڪاميابين، پيار ۽ سڪون جا تذڪرا آهن، ٿڌڪار آھن، جيئدان آھن، جڏهن ته ڏکن ۽ پيڙائن جا لفظ گهڻو تڻو اسان کي ڏکيا لڳندا آهن، ڏکوئيندا آھن پر اسڪرپٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ گهرائي ۽ وزن انهن ئي لفظن سان پيدا ٿيندو آهي.

ڏک جا لفظ اسان کي صبر، حوصلو ۽ نئين سر اڀرڻ جو سبق ڏين ٿا. جيڪڏهن زندگيءَ جي اسڪرپٽ ۾ رڳو سک هجي ها، ته اها ڪهاڻي بي رنگ ۽ اڻپوري رهجي وڃي ها. اماوس ئي چنڊ جي جوڀن کي جوت بخشي ٿي، رات ئي صبح جي خوشخبريءَ سان آجيان ڪري ٿي.

انسان جڏهن پنهنجي حالتن تي روئڻ بدران پنهنجي اندر جي طاقت کي سڃاڻي ٿو، تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته قلم ان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي. اسان پنهنجن ڏکن کي رڳو ٽريجڊي بڻائي به لکي سگهون ٿا ۽ انهن کي فتح جو رستو بڻائي به پيش ڪري سگهون ٿا. اسان جا لفظ اسان جي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان جي سوچ مثبت آهي، ته اسان ڏکين حالتن ۾ به اميد جو هڪ نئون باب لکي سگهون ٿا.

اسان جي شخصيت جو دارومدار ان تي آهي ته اسان پنهنجي اسڪرپٽ لاءِ ڪهڙا لفظ چونڊيندا آهيون. ڇا اسان پنهنجي اسڪرپٽ ۾ پاڻ کي رڳو حالتن جو شڪار بڻائي پيش ڪريون ٿا يا هڪ اهڙي ويڙهاڪ طور جيڪو هر طوفان مان پار پوي ٿو؟

اسان جا لفظ اسان جي مستقبل جي واٽ ڏسين ٿا ۽ سونھان بڻجي اڳيان ھلن ٿا. جيڪو انسان "آءٌ ڪري سگهان ٿو/ٿي” وارا سکيا لفظ لکي ٿو، ان جي منزل هميشه بلند هوندي آهي

زندگي ڪو اهڙو ڪتاب ناهي جيڪو پهريان کان ئي مڪمل لکيل هجي، پر هي هڪ اهڙو ڪورو ڪاغذ آهي جنهن تي اسان جو هر ساهه هڪ نئون اکر بڻجي اڀري ٿو. اسان پنهنجي زندگيءَ جا اسڪرپٽ رائٽر آهيون، تنهن ڪري ڇو نه پنهنجن ڏکن کي به اهڙي فنڪاريءَ سان لکون جو اهي اسان جي ڪمزوري نه پر اسان جي سڃاڻپ ۽ سگهه بڻجي وڃن.

ڪهاڻي  ته تڏهن ئي اثرائتي ٿيندي آهي جڏهن ليکڪ پنهنجا سمورا احساس، چاهي اهي ڏکيا هجن يا سکيا، سچائيءَ سان ان ۾ پروئي ڇڏي جو ان جي سڳنڌ ھانوَن کي هٻڪاري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.