جنگ بندي جي شرطن تي گڏيل عرب امارات کي تڪليف

دبئي(عوامي آواز نيوز)گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي کاتي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جنگ بندي واري ٺاهه تي اهم ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ان ٺاهه جي شرطن بابت وڌيڪ وضاحتون گهريون وينديون، ته جيئن علائقي ۾ امن کي يقيني بڻائي سگهجي.پرڏيهي کاتي موجب، انهن وضاحتن جو مقصد خاص طور ايران طرفان ممڪن حملا روڪڻ ۽ خليجي ملڪن خلاف ڪنهن به ڪارروائي کي ختم ڪرڻ آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگ بندي تڏهن ئي اثرائتي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ايران پنهنجي  پاليسين ۽ قدمن بابت صاف ۽ چٽي وضاحت ڏئي.کاتي زور ڏنو ته هرمز واري سامونڊي لنگهه کي بنا ڪنهن شرط جي کولڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي لنگهه دنيا جي واپار ۽ تيل جي رسد لاءِ تمام اهم آهي. ان جي بند ٿيڻ سان عالمي معيشت تي سخت اثر پئجي سگهن ٿا.اماراتي اختيارين وڌيڪ چيو ته خليجي ملڪن تي ٿيندڙ حملن بابت ايران خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ انهن حملن سبب ٿيل نقصانن جو پورو ازالو پڻ ايران کي ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.