اسلام آباد(علي مصطفيٰ)پاڪستان جي معيشت به اهڙي ئي حالت ۾ آهي جهڙي ان جي عالمي سفارتڪاري آهي،تباهي ٿي چڪي آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ڪيو ويو آهي، پر حڪومت جي عياشين ۽ خرچن ۾ ڪا به گهٽتائي نظر نٿي اچي.ٻئي پاسي سفارتي سطح تي پاڪستان کي تمام پسنديده ۽ عالمي سطح تي ڪامياب ملڪ طور پيش ڪيو وڃي ٿو، پر اهي دعوائون عملي طور پوريون ٿيندي نظر نٿيون اچن. اڃا به ايران خلاف جنگ جي صورتحال جاري آهي.ملڪ جي معاشي نظام ۾ هڪ قسم جو تضاد نظر اچي ٿو. هڪ طرف پيٽروليم شين جون قيمتون اوچتو وڌايون وڃن ٿيون پيٽرول تقريباً 380 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل لڳ ڀڳ 520 رپيا في ليٽر تائين پهچايو ويو،جڏهن ته ڪڏهن وري ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري ٿوري رعايت ڏني وڃي ٿي. اهو نظام بي ترتيب ۽ غير متوازن آهي، جنهن جو ڪو واضح اصول نظر نٿو اچي.ماهرن موجب حڪومت جي خرچن ۽ انتظامي پاليسين جو بار عام ماڻهن تي وڌي رهيو آهي. مختلف شعبن ۾ مراعتون وڌايون ويون آهن، جن ۾ بيوروڪريسي، عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ ميمبر شامل آهن، جڏهن ته ترقياتي منصوبن لاءِ به وڏي رقم نقد صورت ۾ ورهائي وئي آهي.پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب عالمي تيل جون قيمتون به آهن، جيڪي گذريل مهينن ۾ خاص طور تي وڌيون آهن. ڊالر جي حساب سان تيل جي قيمت ۾ به نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن جو سڌو اثر مقامي مارڪيٽ تي پيو آهي.تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته حڪومت عام ماڻهن تي مڪمل بار وجهي رهي آهي، جڏهن ته پاڻ پنهنجي خرچن ۾ ڪا وڏي ڪٽوتي نٿي ڪري. جيڪڏهن قيمتن ۾ واڌ جو بار جزوي طور حڪومت پاڻ برداشت ڪري ها ته عوام تي گهٽ اثر پوي ها.ماهرن اهو به چيو ته پيٽروليم جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ توانائي بچت جا قدم ۽ متبادل ذريعن ڏانهن منتقلي ضروري آهي، پر ان سان گڏ ڪرنسي جي قدر کي به مستحڪم ڪرڻو پوندو.خطري واري صورتحال ۾ آبناءِ هرمز جي اهميت پڻ سامهون آئي آهي، جتي عالمي تيل جي وڏي مقدار گذري ٿي. جيڪڏهن هي لنگهه متاثر ٿئي ٿو ته عالمي معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر پئجي سگهن ٿا.پاڪستان جو انحصار به گهڻو حد تائين خليجي ملڪن تي آهي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي پنهنجي اندروني استحڪام تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.ڪجهه تجزيا اهو به چون ٿا ته عالمي سطح تي وڏا ملڪ سڌي طرح پيدا ڪندڙ ملڪن سان ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري رهيا آهن ته جيئن پنهنجي خوراڪ ۽ توانائي جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي پاليسين کي اهڙي ريت ترتيب ڏئي جو نه رڳو عالمي دٻاءُ کي سنڀالي سگهي، پر اندروني معاشي استحڪام به برقرار رکي.