ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار فاسٽ بالر جسپريت بُمرا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اڻوڻندڙ ۽ انوکو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، آءِ پي ايل 2026 جو سيزن ممبئي انڊينز جي جسپريت بُمرا لاءِ انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو.
جسپريت بُمرا ٽورنامينٽ ۾ هر وڪيٽ لاءِ 100 کان وڌيڪ رنسون ڏيندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي.
بُمرا ممبئي انڊينز طرفان 13 ميچن ۾ 8.37 جي اڪانومي ريٽ سان 294 رنسون ڏنيون.
ڀارتي پيسر آءِ پي ايل جي 13 ميچن ۾ رڳو 4 وڪيٽون وٺي سگهيو، جڏهن ته هو سيزن جي ڪنهن به ميچ ۾ هڪ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل نه ڪري سگهيو.
آءِ پي ايل 2026 ۾ جسپريت بُمرا جي بالنگ ايوريج 102.50 ۽ اسٽرائڪ ريٽ 73.50 رهيو. بُمرا جو هي رڪارڊ 40 اوورن جي گهٽ ۾ گهٽ اهليت جي معيار کي بنياد بڻائي ڪڍيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، مخالف بيٽرن بُمرا خلاف خطرو کڻڻ بدران دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي.
ممبئي انڊينز جي ٻين بالرن طرفان رنسون ڏيڻ سبب بيٽرن بُمرا کي احتياط سان کيڏيو.
وڪيٽون نه ملڻ سبب جسپريت بُمرا جي بالنگ ايوريج ۾ غير معمولي واڌ ٿي، جيتوڻيڪ خراب رڪارڊ جي باوجود جسپريت بُمرا کوڙ ميچن ۾ رنسن جي رفتار روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو.