”منهنجي ته دنيا ئي تباهه ٿي وئي“ سجل عليءَ ڏکڻ ڪوريائي مداحن کي ڏُک ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سجل علي جا مداح ڏکڻ ڪوريا ۾ به موجود آهن.

رپورٽ موجب سجل علي جي ڪورين مداحن کيس دلچسپ نالا ڏنا آهن، کيس پيار ۾ ”سجل اوني“ ۽ ”يون دين“ چوندا آهن.

اداڪارا ڏکڻ ڪوريا ۾ سوشل ميڊيا تي خاص طور تي توجه ان وقت حاصل ڪئي جڏهن تازو سندس ڪورين مداح کي سندس شادي بابت ڄاڻ ملي.

سجل علي جي ڪورين مداح سماجي رابطن جي ويبسائيٽ ”ايڪس“ تي پوسٽ ڪندي لکيو ته ڇا سجل علي شادي شده آهي؟ اهو ڄاڻي ته مونکي لڳي ٿو منهنجي دنيا تباهه ٿي وئي.

اداڪارا جي شاديءَ بابت ڪورين مداح پاران سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ ان ردعمل تي اداڪارا جا ٻيا مداح به مختلف تبصرا ڪرڻ لڳا.

رپورٽ موجب گهڻو ڪري ڪورين مداح سندس شاديءَ بابت ڄاڻي حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته سجل علي ساٿي اداڪار احد رضا مير سان شادي ڪئي هئي جيڪا گهڻو عرصو نه هلي سگهي ۽ ٻنهي ۾ 2022 ۾ طلاق ٿي وئي.

هاڻي ڪجهه وقت کان سجل علي ۽ حمزا سهيل جي وچ ۾ ويجهڙائپ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.