ڪراچي ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سپر هاءِ وي نيو سبزي منڊي، هنگورا ڳوٺ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل کڏي ۾ ڪرڻ سبب 8 سالن جو اختر ۽ 9 سالن ناديا ٻڏي فوت ٿي ويا، پوليس موجب واقعو هنگورا ڳوٺ جي ويجهو رهائشي  سوسائٽي جي زمين تي جمع ٿيل پاڻي ۾ وهنجندي پيش آيو، اطلاع ملڻ کان پوءِ علائقي جا رهواسي، پوليس ۽ ريسڪيو رضاڪار پهتا، ايس ايڇ او سائٽ سپر هاءِ وي چوڌري نواز ٻڌايو ته ٻار ڊبجي وڃڻ وارو واقعو اتفاقي آهي ۽ وارث ڪا قانوني ڪارروائي نه ڪرڻ جو چوڻ بعد لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي گهر کڻي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.