اسلام آباد (بيورو) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ، تيز هوائن ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي ڪندي امڪاني خطرن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، اين ڊي ايم اي موجب سنڌ جي مختلف علائقن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، بلوچستان جي علائقن زوب، ڪوئيٽا، زيارت، قلات، قلعه سيف الله، پشين، مستونگ، بارخان، قلعه عبدالله، چمن ۽ نوشڪي سميت مختلف هنڌن تي به ساڳي موسم جي اڳڪٿي ڪئي وئي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، ڪي پي جي علائقن چترال، دير، سوات، ڪالام، منگوره، بٽگرام، پشاور، صوابي، نوشهره، مردان، چارسده، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ، ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ به تيز هوائن سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي، مري، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرات، گوجرانواله، حافظ آباد، منڊي بهاوالدين، سيالڪوٽ، نارووال، سرگوڌا، چنيوٽ، جهنگ، فيصل آباد، لاهور، ساهيوال، اوڪاڙا، قصور، ملتان ۽ ڊي جي خان ۾ به برسات ۽ ڳڙي جو امڪان ڏيکاريو ويو.
عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪرڻ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري مٿان ڪاوڙ
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ جو عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪرڻ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي عدالت چيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر درخواستگذار جو نالو بليڪ لسٽ مان نه ڪڍيو ويو ته وفاقي گهرو کاتي واري سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا، جسٽس عدنان الڪريم چيو ته ڊپٽي اٽارني جنرل خليق احمد جي خاطري تي هن وقت گرفتاري وارنٽ جاري نٿا ڪيا وڃن، عدالت پرڏيهه ۾ رهندڙ محمد عرفان جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.
ڪراچي ۾ خالي پلاٽ تان اڻڄاتل شخص جو سڙيل لاش هٿ
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ خالي پلاٽ مان اڻڄاتل شخص جو سڙيل لاش مليو، موچڪو ڪٽو ڳوٺ ۾ خالي پلاٽ مان اڻڄاتل شخص جو سڙيل لاش مليو، پوليس موجب لاش ايتري حد تائين سڙيل آهي جو سڃاڻپ جي لائق ناهي ۽ ان جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شروعاتي موجب شڪ آهي ته مقتول کي ڪنهن ٻئي جاءِ تي قتل ڪرڻ کان پوءِ هتي ساڙيو ويو، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ۽ ثبوت گڏ ڪري اصل حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.