ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ ۽ اسٽيل مل جي سربراهن کي هڪ مهيني ۾ عدالتي حڪمن تي عمل جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان اسٽيل مل جي رهواسين کي سڌو سنئون ڪي اليڪٽرڪ مان بجلي فراهم ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ ۽ اسٽيل مل جي سربراهن کي هڪ مهيني اندر عدالتي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست گذار جي وڪيل موجب مارچ 2025 جي عدالتي حڪمن باوجود درخواست گذارن کي سڌو بجلي فراهم نه ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ اسٽيل مل انتظاميا ڄاڻي واڻي دير ڪري رهي آهي، عدالت حڪم ڏنو ته ٽيڪنيڪل مسئلن جو گڏيل جائزو وٺي عارضي انتظامات ڪيا وڃن ۽ ڪنيڪشن تائين ڪنهن کان اضافي چارجز وصول نه ڪيا وڃن.