واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي تجزئي نگار ائين بريمر چيو آهي ته ٽرمپ جنگ شروع ڪئي، پر آخرڪار هارائي نڪتو ۽ آمريڪا جي مهانگي جنگ بي فائدو ثابت ٿي.پنهنجي تجزيي ۾ هن چيو ته ٽرمپ فتح جو اعلان ته ڪيو، پر حقيقت ۾ جنگ بندي (سيز فائر) سندس پسپائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جنگ بندي ان ويڙهه کي روڪي ڇڏيو، جنهن عالمي توانائي مارڪيٽن کي سخت ڌڪ ڏنو هو ۽ سڄي دنيا ۾ وڏي علائقائي جنگ جا خطرا پيدا ڪيا هئا.هن جو چوڻ هو ته ايران جي بنيادي حڪومتي طاقت ۽ اقتداري ڍانچو اڃا تائين پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، جڏهن ته علائقائي توانائي سياست ۽ سلامتي جا خطرا اڃا تائين حل طلب آهن.آمريڪي تجزيه نگار وڌيڪ چيو ته ايران سان جنگ ۽ پوءِ جنگ بندي ٻئي صدر ٽرمپ جا فيصلا هئا، ۽ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جو دعويٰ بلڪل غلط آهي. سندس چوڻ موجب ٽرمپ جنگ شروع ڪئي، پر بغير ڪنهن حقيقي ڪاميابي جي واپس ٿيو،.هن اهو به چيو ته هن جنگ جا وڏا جيوپوليٽيڪل اثر آمريڪا جي مخالف ملڪن جي حق ۾ ويا، جتي روس تيل جي وڌندڙ آمدني سبب وڌيڪ مضبوط ٿيو، جڏهن ته چين ڊگهي مدي ۾ فائدو حاصل ڪندڙ ملڪ طور سامهون آيو.