والاريل بيت المقدس (م ڊ) اسرائيلي اختيارين 40 ڏينهن تائين بند رهڻ کان پوءِ مسجد اقصيٰ کي ٻيهر نمازين لاءِ کولي ڇڏيو، جنهن بعد وڏي انگ ۾ فلسطيني مسلمان عبادت لاءِ مسجد پهتا، ميڊيا رپورٽن موجب مسجد اقصيٰ کي صبح سوير کوليو ويو، جتي سيڪيورٽي پابندين ۾ نرمي بعد نمازين کي داخلا جي اجازت ڏني وئي، مسجد کُلندي ئي عقيدتمندن جي وڏي انگ هن مقدس جاءِ جو رخ ڪيو ۽ نماز ادا ڪئي، اسرائيلي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته والاريل بيت المقدس ۾ ٻين مقدس هنڌن کي به ٻيهر کوليو ويو آهي، جنهن سان مذهبي سرگرمين جي بحالي شروع ٿي وئي آهي.