ياض (م ڊ) آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي جي عمل کانپوءِ سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ پهريون اهم سرڪاري رابطو ٿيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سعودي پرڏيهي وزير شاهزادي فيصل بن فرحان کي ٽيليفون ڪري خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سعودي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ٻنهي اڳواڻن ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ امن و امان جي قيام لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ سعودي عرب ۽ ايران جي اعليٰ قيادت وچ ۾ هي پهريون سرڪاري رابطو آهي، جنهن کي خطي ۾ مستقل امن لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي.