ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان جڙيل سوشل ميڊيا تي مسلمان مخالف بيانن جي مذمت ڪندي بار آمريڪي سفارتخاني کي خط لکي ڇڏيو، بار موجب قانوني ماهر آمريڪا کي آئين جي قدرن، جمهوري ادارن ۽ بنيادي حقن جو احترام ڪندڙ رياست طور ڏسي ٿي، بار چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي جي عمل جي ڀليڪار ڪيون ٿا، سوشل ميڊيا تي هلندڙ بيانن ۾ مسلمانن، اسلام ۽ ايران بابت توهين آميز ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي، بار جو موقف آهي ته ايران جي شهري ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون عالمي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن.