حيدرآباد (رپورٽر) ملڪ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد جي سوين وڪيلن واڌو واهه وٽ ڌرڻو هڻي باءِ پاس روڊ کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو، اعلانيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ ڪالهه شام جو سوين وڪيل نسيم نگر کان ريلي ڪڍي ڌرڻي واري هنڌ پهتا، ڌرڻي ۾ عام ماڻهو توڙي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا ڪارڪن پڻ پهتل هئا، ڌرڻي ۾ شامل ماڻهو تيل جون قيمتون گهٽ ڪرڻ وارا نعرا هڻي رهيا هئا، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏيون بيهي ويون، ڌرڻي جي اڳواڻي لاير ايڪشن ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايڊوڪيٽ ڀڳوانداس ڀيل، ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو ڪري رهيا هئا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ سبب مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي جنهن ڪري روزمره جي استعمال جون شيون به عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن، ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌي ويا آهن جنهن جو سڌو اثر عام ماڻهن جي زندگيءَ تي پيو آهي، خاص طور تي مزدور ۽ گهٽ آمدني وارا ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن، روشن ٻرڙو، اسرار چانگ، فيصل مغل ۽ ٻين چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران پيٽرل جا اگهه وڌائي رهي آهي، جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي، جيڪڏهن فوري طور تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جاري رهندو، سڄي سنڌ ۾ اهڙيون ريليون ڪڍيون وينديون، تيل جي وڌايل قيمتن کي گهٽ ڪرائڻ لاءِ وڪيلن ڌرڻو هنيو آهي، جيڪڏهن ڌرڻي ۾ موجود هڪڙي وڪيل کي رياست پاران ڪا تڪليف آئي ته وڪيل برادري روڊن تي نڪري ايندي ۽ اسان سڄي ملڪ کي جام ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي ۽ اسان پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندا رهنداسين، اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان حيدرچوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ويٺاسين هئاسين ۽ اسان ڌرڻي جي وارننگ ڏني پئي، پر حڪمرانن اسان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ظالماڻو حڪم برقرار رکيو، اسين چئون ٿا ته عوام تي رحم کائو، پاڪستان 70 سيڪڙو زرعي ملڪ آهي، تيل جي ايتري قيمت تي زراعت ڪيئن ٿيندي ۽ هي ملڪ ڪيئن هلي سگهندو، ايران جو 13 ملڪن سان بارڊ ملي ٿو ۽ سڀني ملڪن ۾ اڍائي سئو في ليٽر کان مٿي تيل جي قيمت ناهي، هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن هڪ به وڪيل کي تڪليف آئي ته مٺي کان ڪشمور تائين احتجاج ٿيندو ۽ روڊ بلاڪ ٿيندا، اسين چئون ٿا ته غريبن تي رحم کائو، عوام اوهان جو ٻانهن ٻيلي آهي، ملڪ جا دشمن نه بڻجو فوري طور تي تيل جي قيمت معمول تي آندي وڃي، هن چيو ته جيستائين تيل جي وڌايل قيمت گهٽ نٿي ڪئي وڃي سندن احتجاج جاري رهندو.