ڪراچي/دبئي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ مختلف پوسٽن ۾ اهو دعوٰي ڪيو پيو وڃي ته گڏيل عرب امارات خاموشي سان ڊگهي عرصي کان رهندڙ پاڪستانين، خاص طور تي پيشاور ماڻهن، جا گولڊن ويزا منسوخ ڪري رهيو آهي، جن ۾ هڪ واقعو هڪ اهڙي پاڪستاني ڊاڪٽر سان منسوب ڪيو ويو آهي جيڪو مبينه طور 16 سالن کان اتي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ اوچتو سندس ويزا منسوخ ڪري کيس گهرڀاتين سميت ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو ويو، جڏهن ته انهن دعوائن سان گڏ اهو تاثر به ڏنو پيو وڃي ته اهي ڪارروايون پاڪستانين يا ڪنهن مخصوص مسلڪ سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي خلاف ڪيون پيون وڃن، جنهن تي صحافي قمبر زيدي پڻ اهڙي نوعيت جو دعوٰي ڪيو، جڏهن ته صحافي عمر چيمه هن معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي اهڙا ڪيترائي بيان سامهون آيا آهن جن ۾ چيو پيو وڃي ته هڪ مخصوص فرقي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جا ويزا منسوخ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته هن ان پهلو ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ته جيڪڏهن واقعي ويزا منسوخ ٿي رهيا آهن ته ان جي پس منظر ۽ سببن کي به سمجهڻ ضروري آهي، سينيئر تجزيه نگار علي ڪي چشتي دعوٰي ڪيو ته هاڻوڪيون منسوخيون انهن ماڻهن تائين محدود آهن جن جا مبينه لاڳاپا آءِ آر جي سي سان هئا ٻي پاسي گڏيل عرب امارات سان لاڳاپيل هڪ سرڪاري سوشل ميڊيا انفلوئنسر واضح ڪيو ته ڪنهن هڪ واقعي کي مڪمل تفصيلن کان سواءِ عام مسئلو بڻائڻ درست ناهي