فهميده لغاري آپگهات واقعو، استاد مٿان هراسمينٽ جو الزام، جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي/ ميرپورخاص (رپورٽر/ صالح اوٺو/ غفار رند) ميرپورخاص ۾ هراسميمنٽ جو شڪار بڻجڻ بعد آپگهات ڪندڙ محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري واري واقعي جو ڪيس شاگردياڻي فهميده لغاري جي مامي افتخار حسين جي فرياد تي ڊاڪٽر عابد لغاري، ٻن شاگردن عبدالرحمان، عبدالله ڪاليج جي پرنسپل تنوير عالم ۽ سندس گهر واري ميڊم فرزانا خلاف قلم 316، 509 ۽ 34 پي پي سي تحت سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀاڻيجي فهميده لغاري محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿرڊ ائير جي شاگردياڻي هئي هن پنهنجي والد والده ڀيڻ ۽ مون کي ٻڌايو هو ته ڪاليج ۾ مارڪن لاءِ مون کي لاڳاپا رکڻ لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اسان اهڙي شڪايت پرنسپل تنويرعالم ۽ سندس گهر واري ڪاليج جي ميڊم فرزانا کي به ڪئي هئي پر ان تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي مبينا خودڪشي واري واقعي کان پوءِ ڪاليج ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين ۽ والدين ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو، آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري جي جنازي نماز گھر لڳ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ شهر جي سياسي سماجي مذهبي سول سوسائٽي ۽ قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن سميت مٽ مائٽن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شاگردياڻي جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن واقعي بعد وارثن سميت سياسي سماجي مذهبي سول سوسائٽي ۽ قوم پرست ڌرين پاران خانگي ڪاليج جي انتطاميا ڏانهن آڱريون کنيون پيون وڃن، ناري جي والد انتظار لغاري ۽ ٻين وارثن موجب ڪاليج جو ڊاڪٽرعابد لغاري ۽ عبدالله سميت ڪاليج جا ٻيا جوابدار فهميده لغاري جي آپگھات جا ذميوار آهن، پروفيسر عابد لغاري سميت ٻيا کيس پريشان ڪندا هئا ڪيترائي ڀير پئسا طلب ڪيا ويا، ڌيءَ پاران انهن خلاف ڪاليج جي انتطاميا کي شڪايتون پڻ ڪيون ويون هيون پر ڪاليج جي انتطاميا ان تي ڏيان نه ڏنو جنهن جي ڪري فهميده اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿي آهي، وارثن موجب پوليس مبينا طور رشوت عيوض ڪيس دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي سياسي سماجي اڳواڻن لالا اظهر پٺاڻ، فيضان سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هراسمنٽ ڪرڻ جا واقعا تمام گھڻا وڌي ويا آهن جنهن ڪري شاگردياڻين پاران پريشان ٿي آپگھات ڪرڻ وارن واقعن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي، هراسمينٽ سبب آپگھات ڪرڻ قتل ڪرڻ جي برابر آهي اسان جي سامهون وارثن واضع طور نشاندهي ڪئي آهي ته فهميده کي هراسمنٽ جو شڪار ڪندڙن خلاف ڪاليج جي انتظاميا کي شڪايتون به ڪيون ويون پر ان تي ڌيان نه ڏنو ويو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کي معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ وارثن کي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون، صوبائي وزير سياحت ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهمده لغاري جي مبينا آپگھات جي خبر جو نوٽيس وٺندي وارثن سان رابطو ڪري وارثن سان ڌک جو اظهار ڪيو ۽ کين انصاف جي فراهمي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او حق نواز جوڻيجي رابطو ڪرڻ تي چيو ته ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي جاچ ڪاميٽي پاران بيان وٺڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته ميرپورخاص عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينه شير علي ميرپورخاص جي هڪ خانگي طبي اداري ۾ فهميده لغاري جي واقعي جو نوٽيس وٺندي شفاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته هر رخ کان جاچ  مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ميرپورخاص رينج پاران فهميده لغاري جي مبينا خودڪشي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ باقاعده ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس پي هيڊڪوارٽرز ۽ ايس ايس پي سٽي کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو.

اهڙن واقعن تي ڪوڙا الزام هڻڻ اداري سان دشمني آهي:سيد رضي محمد

ميرپورخاص: الزامن هيٺ آيل محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٽرسٽي واقعي جي جاچ لاءِ 03 رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪاميٽي پاران الزام هيٺ آيل فارماسسٽ معطل، تفصيل موجب نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٿرڊ ائير جي شاگردياڻي پاران آپگھات ڪرڻ واري واقعي بعد وارثن توڙي سياسي سماجي، قوم پرست، مذهبي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران خانگي ميڊيڪل ڪاليج  جي انتظاميا ڏانهن آڱريون کڻڻ کي ڪاليج جي ٽرسٽي ڊاڪٽر سيد رضي محمد پاران الزامن کي اداري جي ساک متاثر ۽ بدنام ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته فهميده لغاري سميت ڪاليج ۾پرهندڙ تمام شاگردياڻيون اسان جي ڌيئرون آهن اسان جي ڪاليج ۾ پرهندڙ تمام شاگردياڻيون محفوظ ۽ سٺي ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن اسان کي پنهنجي شاگردياڻي فهميده جي موت تي تمام گھڻون ڏک آهي پر ڪنهن واقعي کي بنياد بڻائي اڳ به ڪاليج ۾ اهڙا واقعا ٿيڻ جا ڪوڙا الزام لڳائڻ  اداري سان دشمني ڪڍڻ جي برابر آهن اسان جي ڪاليج ۾ اڳ اهڙو ڪوبه واقعو نه ٿيو آهي هن چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر شمس العارفين خان، پروفيسر رياض قدير، ڊاڪٽر حرا آصف تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي اهي جيڪا ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي جيڪڏهن جاچ ۾ ڪنهن تي به الزام ثابت ٿيو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، ڪاليج جي ٽرسٽي پاران جوڙيل ڪاميٽي الزام هيٺ آيل فارماسسٽ عابد لغاري کي معطل ڪيو ويو آهي.

شاگردياڻي جي آپگهات واقعي خلاف ميرپورخاص ۾ ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ميرپورخاص: ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري پاران استادن جي مبينا حراسمنٽ سبب آپگھات ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس خانگي ميڊيڪل ڪاليج جي انتطاميا خلاف داخل ڪرائڻ لاءِ وارثن ۽  سياسي سماجي اڳواڻن سان گڏ ٿاڻي تي پهچڻ واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف وارثن سميت سياسي سماجي اڳواڻن پاران ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ايس يو پي جي اڳواڻ لالا اظهر پٺاڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيڪل جي شاگردياڻي جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارثن ۽ وڪيلن سان گڏ ٿاڻي تي پهتاسين ته ٿاڻي جي ايس ايڇ او واقعي جي جاچ رپورٽ اچڻ تائين ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿاڻي مان روانو ٿي ويو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هڪ طرف شاگردياڻي فهميده لغاري وارث ڏکوئيل آهن مٿان پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، واقعي جو صوبائي وزير قانون، صوبائي وزير سياحت ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين واقعي جو نوٽيس وٺندي وارثن جي بيان موجب ڪيس داخل ڪرڻ جو حُڪم ڏنل آهي پر ان باوجود پوليس ڪيس داخل نه ڪري اختيارين جو حُڪم ٿڏي رهي آهي.

فهميده لغاري واقعو خودڪشي نه پر قتل آھي:سڄاڻ ڌريون

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ميرپورخاص ۾ خانگي ڪاليج جي استاد ۽ ٻين طرفان هراسميٽ کان پوءِ آپگهات ڪندڙ  شاگردياڻي فهميده لعاري جي واقعي تي سڄاڻ ڌرين سخت ردعمل ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي ذھين شاگردياڻي فھميده لغاري جي خودڪشي واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته واقعو شاگردياڻي کي مسلسل هراسان ڪرڻ سبب پيش آيو آھي، وارث انتظاميا کي اھڙيون شڪايتون ڪري چڪا آھن، ان باوجود پوزيشن کڻندڙ شاگردياڻي کي تحفظ نه ڏنو ويو، واقعو خودڪشي نه پر قتل آھي، جنھنڪري فھميده لغاري جي وارثن جي مرضي سان ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي نياڻين لاءِ مقتل گاھ بڻايو ويو آهي، تعليمي ادارن ۾ به نياڻيون محفوظ ناهن، ميرپور خاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽر فهميده لغاري کي حراسا ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ان کان پهرين سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نائلا رند، ڊاڪٽر نمرتا، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي شاھ قتل ٿي ڪيون ويون ۽ انهن نياڻين جي قاتلن کي  سنڌ سرڪار ۽ تعليمي ادارن ۾ ويٺل مافيائن بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ٽنهي نياڻين جي قتل سان انصاف نه  ٿي سگهيو، جساف آريسر مرڪز طرفان فهميده جي واقعي کي قتل قرار ڏيندي معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، صحافي تصوير سنديلو لکيو ته  هڪ نياڻي جي دانهن جيڪا سنڌ سرڪار ۽ سماج کان انصاف گهري ٿي، ميرپور خاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي خودڪشي سرڪار ۽ سماج جي ضمير تي وڏو سوال آهي، هڪ نياڻي جنهن ڊاڪٽر بڻجڻ جا خواب ڏٺا، اها ڇو مجبور ٿي زندگي ختم ڪرڻ تي؟ الزام لڳي رهيا آهن ته استادن جي هراسان ڪرڻ سبب هوءَ ذهني اذيت ۾ هئي، جيڪڏهن تعليم جا ادارا ئي خوف جا مرڪز بڻجي وڃن ته پوءِ شاگرد ڪاڏي وڃن؟ استاد ته روشني جا ڏيئا هوندا آهن، جيڪڏهن اهي ئي باهه بڻجي وڃن ته نسل سڙي ويندا، صحافي نثار کوکر، سوشل ميڊيا تي سرگرم خوشبو خالد حسين، وڪيل ڪانجهي ميگهواڙ، اعجاز انور لغاري ۽ ٻين پڻ واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده لغاري جي واقعي خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاج

عمرڪوٽ (ڊ ، ر) ميرپورخاص ۾ پوزيشن هولڊر ميڊيڪل شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي مبينه هراساني ۽ ذهني دٻاءُ سبب پيش آيل افسوسناڪ واقعي خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ ضلعي سيڪريٽري سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ثناءُ ساند صحافين سان  ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر فهميده لغاري جو واقعو صرف هڪ نياڻي جو الميو ناهي، پر اهو پوري سماج جي ضمير کي لوڏي ڇڏيندڙ سانحو آهي، هن چيو ته تعليمي ادارا، جيڪي علم، شعور ۽ تحفظ جا مرڪز هجڻ گهرجن، اتي جيڪڏهن نياڻيون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون ته اهو اسان سڀني لاءِ انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي، هڪ پوزيشن هولڊر شاگردياڻي جو اهڙي انجام تائين پهچڻ رياستي ادارن ۽ تعليمي نظام لاءِ وڏو سوال آهي ۽ جيڪڏهن هاڻي به خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اهڙن واقعن ۾ وڌيڪَ اضافو ٿيندو.

ابن سينا يونيورسٽي جي وي سي طرفان معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ميرپورخاص: ابنِ سينا يونيورسٽي ميرپورخاص جي وائيس چانسلر آفيس طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ميڊيڪل جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي زباني شڪايت تي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا شڪايت عابد لغاري (فارماسسٽ) سان لاڳاپيل  ٻڌائي وڃي ٿي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ ڏهن ڏينهن اندر پيش ڪري، ڪميٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شمس الارفن خان کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته پروفيسر ميجر (ر) رياض قادير ۽ ڊاڪٽر هيرا آصف کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن تي وائيس چانسلر پاران صحيح پڻ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.