آمريڪا ۽ ايران ۾ سڀاڻي کان اسلام آباد ۾ ڳالهيون، آمريڪي نائب صدر به پهچندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ڪامياب سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾، آمريڪا ۽ ايران ٻن هفتن جي جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا وفد هاڻي جمعي 10 اپريل تي اسلام آباد ۾ سڌي طرح ڳالهيون ڪندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ پوسٽ سان هڪ انٽرويو ۾ اشارو ڏنو آهي ته جي ڊي وينس  ڳالهين ۾ حصو نه وٺندو. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون اسلام آباد ۾ متوقع آهن، ۽ اهم ڳالهين جي ميزباني کان پوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن. شهر جي حساس علائقن ۾ نگراني وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 9 ۽ 10 اپريل تي مقامي موڪل هوندي. هي فيصلو ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي منظوري سان ڪيو ويو، جنهن جو مقصد سيڪيورٽي انتظامن کي اثرائتو بڻائڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ 45 منٽن تائين گفتگو ٿي، جنهن ۾ تازي جنگبندي ۽ مستقبل جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم جنگبندي لاءِ ايراني قيادت جي ذهانت جي تعريف ڪئي ۽ آمريڪا سان اسلام آباد ۾ڳالهين لاءِ راضپي تي ٿورا مڃيا. پڌرائيءَ موجب ايراني صدر جنگبندي لاءِ قدمن تي پاڪستاني ليڊر شپ جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايراني صدر پاڪستاني وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ايران جو وفد ڳالهين لاءِ اسلام آباد ايندو.  وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن لوٽ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڳالهين لاءِ پنهنجي ڳالهين واري ٽيم اسلام آباد موڪلي رهيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب، ڳالهين واري ٽيم ۾ جي ڊي وينس، اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر شامل هوندا. ڳالهين واري ٽيم ڇنڇر جي صبح اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪندي. ڪيرولائن لوٽ چيو ته ايران جنگ بندي جي درخواست ڪئي ۽ آخرڪار جنگ بندي جي تجويزن تي راضي ٿي ويو. ايران آبناءِ هرمز کي کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي. ايران جو اصل منصوبو ناقابل قبول هو ۽ رد ڪيو ويو. ايران پوءِ معقول تجويزون پيش ڪيون.ترجمان چيو ته صدر ٽرمپ جون سرخ لڪيرون تبديل نه ٿيون آهن، ٽرمپ اميد ڪري ٿو ته آبناءِ هرمز کوليو ويندو. ڳالهين جو پهريون دور ڇنڇر تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.