اسرائيل پاران جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون\ ايران، آبناءِ هرمز ٻيهر بند ڪري ڇڏيو

بيروت/ تهران(عوامي آواز نيوز)لبنان تي اسرائيلي حملن کان پوءِ ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آبناءِ هرمز بند ڪري ڇڏيو آهي. ايراني ميڊيا موجب آبناءِ هرمز مان آئل ٽينڪرن جي گذر کي روڪيو ويو آهي.ايران جي خبر ايجنسي فارس موجب، لبنان تي اسرائيلي حملن ۽ جنگبندي جي خلاف ورزين جي جواب ۾ ايران آبناءِ هرمز ٻيهر بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن اهم بحري رستي ذريعي تيل کڻندڙ ٽينڪرن جي آمدورفت معطل ڪري ڇڏي آهي.فارس نيوز مطابق، جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڪالهه صبح ٻه تيل جا ٽينڪر گذرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر اسرائيلي حملن کان پوءِ آبناءِ هرمز مان گذرندڙ تيل بردار جهازن کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن قدم جي مدي بابت ڪا واضح تفصيل سامهون نه آئي آهي.خليج ۾ موجود ڪيترن ئي جهازن کي ايراني بحريه طرفان آبنائے هرمز بند ٿيڻ جا پيغام ملڻ شروع ٿي ويا آهن. شپنگ ذريعن موجب ايراني بحريه جي پيغام ۾ چيو پيو وڃي ته آبناءِ هرمز مان گذرڻ لاءِ جهاز مالڪن کي ايران کان اجازت وٺڻي پوندي.ايراني بحريه جي جاري پيغام ۾ چيو ويو آهي ته: ’ڪو به جهاز جيڪو سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو، ان کي نشانو بڻايو ويندو ۽ تباهه ڪيو ويندو.‘واضح رهي ته آبناءِهرمز عالمي سطح تي تيل جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم گذرگاهه سمجهي وڃي ٿي، ۽ هتي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ عالمي توانائي مارڪيٽ تي فوري اثر وجهي سگهي ٿي.ان کان اڳ ايران خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکيا ته هو آمريڪا سان طئي ٿيل جنگبندي معاهدي تان هٿ کڻي سگهي ٿو. اهو انڪشاف ايران جي نيم سرڪاري خبر ايجنسي تسنيم پنهنجي رپورٽ ۾ هڪ اعليٰ عهديدار جي حوالي سان ڪيو هوهوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سماجي رابطن جي پليٽ فارم تي چيو آهي ته ايران-آمريڪا جنگ بندي جا شرط واضح ۽ چٽا آهن. آمريڪا کي يا ته جنگ بندي اختيار ڪرڻي پوندي يا اسرائيل جي ذريعي جنگ جو رستو چونڊڻو پوندو، ٻنهي شين کي هڪ ئي وقت گڏ نٿو ڪري سگهجي.ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي بيان سان گڏ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي ٽوئيٽ به شيئر ڪئي، جنهن ۾ ايران ۽ آمريڪا پاران جنگبندي تي اتفاق جو اعلان ڪيو ويو هو.

واشنٽگن(عوامي آواز نيوزآمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگبندي ۾ لبنان شامل ناهي. هن چيو ته ايران جا صرف ڪجهه نڪتا آمريڪا لاءِ قابلِ قبول آهن ۽ انهن نڪتن تي بند ڪمرن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. جنگبندي جي بنياد به اهي ئي نڪتا آهن. هن وڌيڪ چيو ته فراڊي ماڻهو فهرستون، خط ۽ جعلي معاهدا شيئر ڪري رهيا آهن، اهڙن عنصرن کي جلد بي نقاب ڪيو ويندو.اربع جي ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “سوشل ٽروٿ” تي جاري بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي معاملي تي چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدا، فهرستون ۽ خط شيئر ڪيا پيا وڃن، پر اهي سڀ فراڊي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن جو هن معاهدي سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته وفاقي جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انهن کي بي نقاب ڪيو ويندو.

بيروت(عوامي آواز نيوز) اسرائيلي فوج ايران سان جنگ بندي لاڳو ٿيڻ باوجود لبنان تي سڀ کان شديد فضائي حملا ڪيا آهن، جن ۾ 254 ماڻهو شهيد مارجي وڃڻ ۽ 1150جي زخمي ٿيڻ جون خبرون مليون آهن۔غير ملڪي خبر رساں اداري موجب بيروت ۾لڳاتار ڌماڪن سبب شهر گونجي اٿيو، جڏهن ته راڄڌاني جي مختلف علائقن مان دونھين جا ڪڪر اڀرندي ڏٺا ويا۔اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته جنگ دوران هي سڀ کان وڏي ۽ گڏيل ڪارروائي هئي، جنهن ۾ بيروت، وادي بقاع ۽ ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جا 100 کان وڌيڪ ڪمانڊ سينٽرز ۽ فوجي ٺڪاڻا نشانو بڻايا ويا۔لبنان جي صحت واري وزارت موجب اربع ڏينهن ٿيندڙ انهن حملن ۾ درجنين ماڻهو فوت ٿيا ۽ سوين زخمي ٿيا۔ حملن کان پوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته شهرين کي رت جا عطيا ڏيڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي۔اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايران سان جاري جنگ بندي لبنان تي لاڳو نٿي ٿئي، جڏهن ته اسرائيلي وزير دفاع اسرائيل ڪاٽز جو چوڻ آهي ته انهن حملن ۾ حزب الله کي وڏو نقصان پهتو آهي۔ هوڏانهن  لبنان جي وزيراعظم نواف سلام اسرائيلي فضائي حملن جي وڏي لهر کان پوءِ ”لبنان جي سڀني دوست ملڪن “ کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ملڪ ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين کي“هر ممڪن ذريعي روڪرائڻ ۾ مدد ڪن۔سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ نواف سلام چيو ته اسرائيل پنهنجي جارحيت جو دائرو لڳاتار وڌائي رهيو آهي، جنهن تحت گهڻي آبادي وارن رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ۽ لبنان جي مختلف حصن، خاص طور تي راڄڌاني بيروت ۾، بي هٿيار شهري پنهنجي جانيون وڃائي رهيا آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.