اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيزفائر جي خلاف ورزيون امن واري عمل جي روح کي متاثر ڪري رهيون آهن، ۽ سڀني ڌرين کان مخلصاڻي درخواست آهي تهصبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن.ايڪس (ٽوئيٽر)تي جاري بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنگ متاثر علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي سيزفائر جي خلاف ورزين جون رپورٽون مليون آهن، ۽ اهي خلاف ورزيون امن واري عمل جي روح کي متاثر ڪري رهيون آهن. وزيراعظم پنهنجي پوسٽ ۾ آمريڪي ۽ ايراني قيادت کي به ٽيگ ڪيو،هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف تصديق ڪئي آهي ته سندس دعوت تي آمريڪا ۽ ايران جا وفد جمعي ڏينهن ڳالهين جي غرض سان پاڪستان جو دورو ڪندا.ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو، جن ٻن هفتن لاءِ عارضي جنگبندي تي رضامندي ظاهر ڪئي، جڏهن ته هن ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو به شڪريو ادا ڪيو ته هن پاڪستان جي درخواست قبول ڪئي. هن سعودي عرب، نار جي ملڪن، ترڪي ۽ چين جو به تعاون تي شڪريو ادا ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير موجوده تڪراري صورتحال دوران انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترين راتين تائين جاڳي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون.هن فيلڊ مارشل کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوري قوم کي سندن خدمتن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.وزيراعظم موجب فيلڊ مارشل جا آمريڪي ۽ ايراني قيادت سان مسلسل رابطا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي راهه هموار ٿي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس درخواست تي آمريڪا ۽ ايران ٻنهي مثبت ردعمل ڏنو، جيڪو پاڪستان جي سفارتي سنجيدگي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ جنگ عارضي طور تي ٽري وئي آهي ۽ اهو امن ڏانهن پهريون قدم آهي، جڏهن ته پاڪستان جو مقصد پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آهي.وزيراعظم صدر آصف زرداري، نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو خاص شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هن سڄي عمل ۾ انهن مڪمل سهڪار ۽ رهنمائي فراهم ڪئي.ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه به ٿي، جيڪا لڳ ڀڳ 45 منٽن تائين جاري رهي. هن خوشگوار ۽ دوستاڻِي گفتگو دوران وزيراعظم ايراني قيادت جي دانائي ۽ دور انديشي کي ساراهيو، جن جنگبندي تي رضامندي ظاهر ڪئي، ۽ پاڪستان طرفان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ميزباني جي آڇ قبول ڪئي.ٻئي پاسي ترڪ صدر رجب طيب ارگان به وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي تاريخي امن قدمن تي دلي مبارڪباد ڏني