تباهي پکيڙيندڙ جنگ ختم ڪرائڻ سبب دنيا ۾ پاڪستان جي واکاڻ

واشنگٽن + تهران (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ڪوششن رنگ لاتو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي درخواست تي عمل ڪندي ايران تي وڏي حملي جي ڊيڊ لائن ۾ ٻه هفتا واڌ ڪري ڇڏي، ايران به پاڪستان جي تجويز مڃيندي عارضي جنگبندي تي راضي ٿي ويو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي کي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ ان دوران ٻه طرفي جنگبندي لاڳو رهندي. هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪيو ويو، جن ايران خلاف ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.سندس چوڻ هو جنگبندي جا شرط اهي آهن ته ايران آبناءِ هرمز کي مڪمل ۽ محفوظ انداز ۾ کولڻ تي راضي ٿيندو، ان قدم جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڊگهي امن لاءِ رستو کولڻ آهي. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا پنهنجا سمورا فوجي هدف ماڻي چڪو آهي ۽ ايران سان ڊگهي مدي جي امن معاهدي جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، ايران طرفان پيش ڪيل 10 نڪاتي منصوبي کي ڳالهين جي بنياد طور عمل جوڳو سمجهيو پيو وڃي، ٻن هفتن جي هيءَ مهلت حتمي معاهدي کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران تي حملا رڪجي ويا ته ايران به حملا نه ڪندو، ايراني فوج سان رابطي ۾ رهندي آبناءِ هرمز مان ٻن هفتن تائين ٽرانزٽ ممڪن آهي. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي عهديدار چيو آهي ته اسرائيل به عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.  آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ بندي، جهاز آبناءِ هرمز مان گذرڻ شروع ٿي ويا آهن. ميري ٽائيم مانيٽر مئرين ٽريفڪ جي مطابق، ايران ۽ آمريڪا جي جنگ بندي کان پوءِ ٻه جهاز آبناءِ   هرمز مان گذريا. آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهاز يونان ۽ لائبيريا جا آهن. جنگ بندي جي آجيان ڪندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته اهي معاهدي جي مڪمل طور تي پاسداري ڪن ته جيئن خطي ۾ مستقل امن جو رستو هموار ٿئي. آسٽريليا، ملائيشيا، جاپان، مصر، عراق ۽ نيوزي لينڊ سميت ڪيترن ئي ملڪن جنگ بندي کي هڪ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو آهي ۽ سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي تڪرار گهٽائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻن. مصر جي پرڏيهي وزارت چيو ته جنگ بندي ڳالهين ۽ سفارتڪاري لاءِ هڪ اهم موقعو هو، جنهن کي ان کي استعمال ڪرڻ گهرجي. آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ پڻ اميد ظاهر ڪئي ته اهو قدم خطي ۾ مستقل استحڪام جو سبب بڻجندو، پر خبردار ڪيو ته مستقل امن لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. عالمي اڳواڻن پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ سعودي عرب جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي، جن جنگ بندي کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.