لنڊن(ثلقين امام)ڊونلڊ ٽرمپ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا،ايران سان جنگ دوران ٽرمپ ان وقت هڪ اهڙي بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چڪو هوجتان عزت سان واپسي جو ڪو رستو نظر نه پئي آيو. پر اوچتو هن پنهنجو رخ بدلائي ڇڏيو. هي غير متوقع تبديلي پاڪستان جي وزيراعظم شهبازشريف ۽ پاڪستاني فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي مبينا صلاح ۽ بهتر رابطن جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي.اهو ساڳيو ٽرمپ هو جنهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ ايران بابت انتهائي سخت ۽ تباهه ڪندڙ ڌمڪيون ڏنيون هيون. پر پوءِ اوچتو هنن پنهنجو موقف تبديل ڪيو. هن تبديلي کي ڪيترن ئي ماڻهن حيران ڪندڙ قرار ڏنو.ان وقت ايران جو اهم اسٽريٽجڪ رستي آبناءِ هرمز تي اڃا به ڪنٽرول برقرار هو، ۽ ايران پنهنجي ڪنهن به بنيادي شرط تان پوئتي نه هٽيو. ايران رڳو هڪ عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي گهٽجندڙ فوجي ۽ دٻاءُ واري ساک کي بچائڻ لاءِ ان کي فوري طور قبول ڪيو.ٽرمپ لاءِ اهو هڪ “محفوظ نڪرڻ جو رستو” بڻجي ويو، ته جيئن هو دعويٰ ڪري سگهي ته هن جنگ روڪرائي آهي. البته هن جنگبندي تي مڪمل ڀروسو اڃا به ناهي، ۽ اها ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهي ٿي۔ٽرمپ شروع ۾ اهڙي صورتحال ۾ هئا جتي يا ته مڪمل تباهي ڪنيا پوئتي هٽڻ ٻنهي صورتن ۾ سياسي نقصان هو. تنهنڪري آخرڪار هنن هڪ اهڙو رستو اختيار ڪيو جنهن کي سفارتي طور “عارضي جنگبندي” چيو ويو.ايران پنهنجي شرطن کي برقرار رکندي صرف عارضي جنگبندي قبول ڪئي. آمريڪا پڻ پنهنجو موقف بچائڻ لاءِ ان کي مڃڻ تي مجبور ٿيو.ٽرمپ بعد ۾ اعلان ڪيو ته ٻن هفتن لاءِ جنگبندي آهي، پر ناقدن موجب اهو اعلان وڌيڪ سياسي تاثر ڏيڻ لاءِ هو، حقيقت ۾ اها سندس مجبوري هئي. يران پنهنجي اهم مطالبن تان پوئتي نه هٽيو. انهن ۾ بنيادي طور تي پابندين ۾ نرمي، سيڪيورٽي ضمانتون ۽ علائقائي توازن شامل آهن.آبناءِ هرمز تي ايران جو اثر برقرار رهيو، جيڪو عالمي تيل جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم آهي. ان رستي تي ڪنٽرول ايران لاءِ هڪ اهم اسٽريٽجڪ برتري طور ڏٺو وڃي ٿو.هي تڪرار رڳو هڪ فوجي مقابلو نه هو، پر ٻن عالمي نظريتن ۽ طاقت جي توازن جو ٽڪراءُ هو. ان جا اثر عالمي معيشت، توانائي جي فراهمي ۽ عالمي سياست تي پيا. تجزيه نگارن موجب آمريڪا جي عالمي بالادستي تي سوال اٿيا آهن خطي ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿيو آهي.هن سڄي عمل ۾ پاڪستان کي هڪ اهم ثالث طور ڏٺو ويو.پاڪستان ٻنهي ڌرين سان رابطي ۾ رهيو سفارتي پيغام رساني ذريعي ڳالهين کي اڳتي وڌايو خطي ۾ وڏي جنگ کي روڪڻ ۾ مدد ڪئي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي.