دنيا وڏي سانحي جي ويجهو هئي، پاڪستان انسانيت جي مفاد ۾ ڪردار ادا ڪيو\صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين سياسي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ڪردار جي هر پاسي ساراهه ٿي رهي آهي، معاهدي جي آجيان ڪيون ٿا، صدر آصف علي زرداري چيو ته دنيا هڪ وڏي سانحي جي بلڪل ويجهو پهچي چڪي هئي، پاڪستان خطي ۽ پوري انسانيت جي وسيع مفاد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ امن، استحڪام ۽ باهمي احترام کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، پاڪستان هميشه نيڪ نيتي سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪيو، هن وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي قيادت ۽ سفارتي رابطن کي پڻ ساراهيو جن امن جي قيام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنگ بندي کي مستقل بڻائڻ لاءِ ڳالهين، اعتماد سازي ۽ پرامن حل جي ضرورت آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته تهران، واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي قيادت جي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، ٻنهي ملڪن تباهي جي رستي بدران ڳالهين جي چونڊ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ کان هٽجڻ جو دانشمنداڻو فيصلو ڪيو، پاڪسان کي فخر آهي ته هُن دانشمندي، عزم ۽ امن جي لاءِ پختي وابستگي سان قيادت جو ڪردار ادا ڪيو، رپورٽن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي تي پاڪستان جي سياسي اڳواڻن سول ۽ عسڪري قيادت جي ڪردار کي ساراهيو آهي، چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر چيو ته اميد آهي ته هي سيز فائر مستقل ثابت ٿيندو، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي عالمي ڇڪتاڻ حل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي موثرٽياڪڙي سان دنيا کي رليف ملڻ گهرجي، فاروق ستار پڻ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي، عظميٰ بخاري چيو ته هي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي ۽ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ثابت ڪيو ته ملڪ عالمي امن جو اهم ستون آهي، حنيف عباسي ۽ وفاقي وزيرچوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان جي قيادت ۽ سفارتي ڪوششن سبب جنگ بندي ممڪن ٿي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جو ڪردار عالمي ميڊيا ۾ به ساراهيو پيو وڃي ۽ هي پيش رفت خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي آڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.