گذريل هفتي کان حيدرآباد جي فضا هڪ نئين بيچيني، نئين عزم ۽ گڏيل شعور جي شاهدي ڏئي رهي آهي. هي رڳو احتجاج ناهي، پر هڪ بيداري آهي، اهڙي بيداري جيڪا سنڌ کان اٿي ڪري ڪراچي کان خيبر تائين ۽ مٺي کان دادو تائين وڪيل برادري کي هڪ آواز بڻائي چڪي آهي۔
پيٽرول جي وڌندڙ اگهن خلاف هي تحريڪ هاڻي رڳو وڪيلن تائين محدود نه رهي آهي، پر عوامي ڏک ۽ تڪليفن جي ترجمان بڻجي چڪي آهي۔ ڪراچي ۾ حسيب جمالي، عامر نواز وڙائچ، نعيم قريشي ۽ سمير زمان ميمڻ کان وٺي حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ تائين، سڀني هڪ صف ۾ بيهي اهو پيغام ڏنو آهي ته جڏهن عوام تي ظلم حد کان وڌي وڃي ته خاموشي به ڏوهه بڻجي وڃي ٿي۔
حيدرآباد جي دل، حيدر چوڪ تي روزانو لڳندڙ احتجاجي ڪيمپ هاڻي رڳو علامت ناهي رهيو، پر هڪ داستان بڻجي ويو آهي،مزاحمت جي، يڪجهتي جي ۽ عوامي درد جي۔ ڪي بي لغاري، اسلم لغاري، فيصل مغل، انيلا جيساني، نويد جروار، اشعر مجيد کوکر، بابر رسول ميمڻ، حق جماري، ذوالفقار ٿيٻو ۽ ڊهني بخش سولنگي جهڙا ڪيترائي نالا روزانو هن جدوجهد کي زندگي ڏين ٿا۔ مشعل بردار ريليون شهر جي رستن تي اعلان ڪن ٿيون ته وڪيل برادري هر حال ۾ عوام سان گڏ بيٺي آهي۔
هاڻي معاملو رڳو پيٽرول جي اگهن جو ناهي رهيو، پر رياستي ترجيحن جو سوال بڻجي ويو آهي۔ جڏهن رات جي اونداهي ۾ پيٽرول مهانگو ڪيو وڃي ٿو ته حقيقت ۾ ڪنهن غريب جي گهر جو چلهو وسايو وڃي ٿو۔ هي واڌارو صرف تيل تائين محدود نٿو رهي، پر ٽرانسپورٽ، دوائن، خوراڪ ۽ زندگي جي هر شعبي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿو۔ نتيجي طور زندگي، جيڪا اڳ ئي ڏکي هئي، هاڻي ناقابل برداشت بڻجي وڃي ٿي۔
اسان هڪ امن پسند قوم آهيون۔ هن خطي ۾ جنگ نه، پر امن جا خواهشمند آهيون۔ دنيا کي به اڄ جنگ نه پر ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي ضرورت آهي۔ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي جون ڪوششون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عقل ۽ تدبر ئي پائيدار حل ڏئي سگهي ٿو۔ جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽجي رهيا آهن ته پوءِ اهو سوال اڀري ٿو ته پاڪستان ۾ عوام کي هن رليف کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي؟
اهو انتهائي افسوسناڪ رويو آهي ته جنگ جهڙن حساس معاملن کي بهانو بڻائي ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي۔ منافعي خور عنصرن هر شيءِ جا اگهه آسمان تائين پهچائي ڇڏيا آهن۔ ڊيزل ۽ پيٽرول جي واڌ سبب جتي سفر عذاب بڻجي ويو آهي، اتي روزمره جي ضرورتون به عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن۔ سنڌ جي زراعت، جيڪا هن خطي جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، سخت متاثر ٿي آهي۔ آبادگار ۽ هاري ٻيڻو بار برداشت ڪري رهيا آهن،هڪ پاسي مهانگي پوکائي، ٻئي پاسي سستو اگهه۔ لکين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود جڏهن مناسب قيمت نٿي ملي ته محنت به ضايع ٿي وڃي ٿي ۽ اميدون به ٽٽي پون ٿيون۔ هيءَ به هڪ تلخ حقيقت آهي ته اسان جون معاشي پاليسيون هاڻي خودمختيار نه رهيون آهن۔ بين الاقوامي مالياتي ادارن جي شرطن تي ٿيندڙ فيصلا عوامي مفاد جي ابتڙ نظر اچن ٿا۔ اهڙيون پاليسيون جيڪي عوام کي رليف ڏيڻ بدران انهن تي بار وجهن، اهي نه پائيدار ٿي سگهن ٿيون ۽ نه ئي منصفاڻيون۔
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ٻاهرين دٻاءَ کان نڪري اهڙي معاشي حڪمت عملي اختيار ڪري، جيڪا عوام دوست هجي، محنت ڪشن جي حقن جي حفاظت ڪري ۽ ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ خودمختيار بڻائي۔ پيٽروليم شين جي وڌايل اگهن کي فوري طور واپس ورتو وڃي، جيئن مهانگائي جي هن طوفان ۾ ڦاٿل عوام کي ڪجهه سهارو ملي سگهي۔ هي آواز رڳو وڪيلن جي ناهي،هي پوري قوم جي صدا آهي، جيڪا هاڻي وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿي رکي۔ جيڪڏهن اڄ به هن صدا کي نه ٻڌو ويو ته سڀاڻي هي احتجاج طوفان بڻجي ويندو، ۽ تاريخ گواهي ڏيندي ته عوام پنهنجي حق لاءِ خاموشي ٽوڙي ڇڏي هئي۔