پيٽرو ڊالر خلاف ايران جي زبردست مزاحمت

تحرير: راشد دائودپوٽو

عالمي سامراج پيٽرو ڊالر جي نالي سڃاپجندڙ بي رحم مالياتي ھٿيار سان پنهنجي بقا لاءِ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جا سڀ کان وڏا معاشي قتلام ڪيا؛ پوئتي پيل، ترقي پذير ملڪن کي پنھنجو غلام بنائڻ لاءِ ۽ پنھنجي ناجائز، انسان دشمن، وحشي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيل جون قيمتون هٿرادو طريقي سان چوٽ چاڙهيون. ھن عالمي سامراج پنھنجي يورپي ڦورو ساٿارين سان گڏجي ھڪ ٻِٽڻ ٺاھي، جنهن سان ان جا نَو ٽِڻ راند وانگر ٻئي پاسا ڀريا هئا، ۽ سندن پنج ئي اڱريون گيھه جي بجاءِ ٺونٺ تائين ٻانهون گيھه ۾ ھيون. ھڪ طرف ڊالر جي دنيا ۾ ھٿراڌو گھرج وڌي، ٻئي طرف تيل مان ڪمايل عربن ملڪن جا پئسا مغربي ملڪن ۾ رکيا ويا. ان ئي عربن جي رکيل  پئسن کي پنھنجي وحشياڻي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مغربي بئنڪن مان انتهائي ڳرن ۽ ظالماڻن وياجن تي قرض ڏيڻ جو شڪاري ڄار پکيڙيو. ان جو اصل مقصد ھو قومن کي غلام بنائيندڙ قرض جو اھو ڌٻڻ ٺاھجي، جنھن ۾ جيڪا قوم ڦاسي اھا پنھنجو سڀ ڪجهه لٽائڻ کان پوءِ به آجي نه ٿيئي. پوئتي پيل ۽ ترقي پذير ملڪن کي پنهنجي روزاني جي توانائي وارين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ان ڌٻڻ ۾  ڦاسجڻو پيو ۽ مجبوراً انسانيت دشمن جديد بيٺڪيتي دور جي سرمائيدار مغربي بئنڪن اڳيان هٿ ٽنگڻا پيا.

ڦرلٽ جو ھي چرخو شروع ٿيو، سامراجي لٽيرن عرب ملڪن جي انهن پيٽرول جي ذريعي آيل ڊالرن کي، جيڪي مغربي بئنڪن ۾ جمع ٿيل هئا، واپس انهن ئي غريب ملڪن ڏانهن انتهائي ڳرن ۽ ظالماڻن وياجن تي قرض طور ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن 1980ع واري ڏهاڪي جي بدترين ٽين دنيا جي قرضن (Third World Debt Crisis ) جي بحران کي جنم ڏنو. هن غاصباڻي ۽ سرمائيداراڻي ڦرلٽ جي نتيجي ۾ محڪوم ملڪن جي سموري قومي آمدني، جيڪا دراصل عوام جي فلاح، ترقيءَ ۽ پورهيت طبقي جي خوشحالي تي خرچ ٿيڻي هئي، سا فقط سامراجي قرضن جي وياج ادا ڪرڻ جي ور چڙهي وئي. عالمي سيٺين جي هن ٺاهيل ڊالر جي هڪ هٽي انهن رياستن کي دائمي غلامي ۽ قرضن جي بار هيٺان اهڙو ته دٻايو جو سندن سمورا وسيلا سامراجي خزانن ۾ غرق ٿي ويا ۽ سندن خودمختياري نيلام ٿي وئي. پر استحصال ۽ ظلم جي هيءَ ڪهاڻي رڳو معاشي ڦرلٽ تائين محدود نٿي رهي، ڇاڪاڻ ته سامراجي قوتن پنهنجي هن ساڳئي ڊالر کي اڳتي هلي پنهنجي ملٽري انڊسٽريل ڪامپليڪس کي وڌائڻ ۽ دنيا کي دٻائڻ لاءِ هڪ خطرناڪ جيو پوليٽيڪل هٿيار طور استعمال ڪيو.

جيئن محڪوم قومن جي ڦرلٽ جو پئسو آمريڪي بئنڪن ۽ ٽريزري بانڊز ۾ گڏ ٿيندو ويو، تيئن تيئن هن جابر قوت پنهنجي فوجي طاقت کي وڌائي ڊالر کي هڪ خطرناڪ جيو پوليٽيڪل هٿيار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن جديد بيٺڪيت جي سرشتي تحت آمريڪا کي اها کليل ڇوٽ ملي وئي ته هو جنهن به خودمختيار ملڪ کي پنهنجي ناجائز قبضي لاءِ خطرو سمجهي، ان تي سخت معاشي پابنديون مڙهي کيس بک، بدحالي ۽ عالمي اڪيلائي جي ور چاڙهي سگهيو ٿي. ان ئي سخت پابنديون مڙھڻ واري معاشي ائٽم بم جي ھٿيار کي استعمال ڪندي ايران تي پابنديون مڙھيون ويون. عرب دنيا جي حڪمرانن پنهنجي اقتدار توڙي نام نهاد سلامتي جي بدلي هن سامراجي  قبضي آڏو گوڏا ٽيڪي، پوري انسانيت ۽ دنيا جي ترقي پذير ملڪن، قومن کي  معاشي غلامي جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. پر ظلم ۽ استحصال جو ڪو به سرشتو هميشه لاءِ ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته هن عالمي ڏاڍ ۽ معاشي قتلام جي ردعمل ۾ هاڻي محڪوم ۽ ترقي ڪندڙ قومن پنهنجي حقيقي ڇوٽڪاري ۽ خودمختياري لاءِ ڊالر کان ڇوٽڪاري جي ڏاڪي به ڏاڪي قدم کڻڻ ۽ بندوبست ڪرڻ جي شروعات ڪئي آھي. برڪس ملڪن جو اڀار ۽ مقامي ڪرنسين ۾ واپار جو فيصلو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته هي قومون هاڻي آمريڪي مالياتي قبضي هٿان ٿيندڙ ڦرمار کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ هنن پنهنجي قومي سلامتيءَ کي سامراجي خطرن کان بچائڻ لاءِ عملي مزاحمت شروع ڪئي آهي. هيءَ تاريخي بغاوت ۽ جاڳرتا رڳو سياسي ۽ معاشي ميدان تائين محدود ناهي رهي، بلڪه سامراج جي هن ڦرلٽ خلاف مزاحمت هاڻي هڪ منظم ۽ غير متوازي جنگ جو روپ ڌاري چڪي آهي، جنهن جو مرڪز وچ اوڀر جي سرزمين بڻيل آهي.

عالمي سامراج جي هن مالياتي ۽ فوجي ڏاڍ خلاف ايراني، حوثي، لبناني، شامي ،فلسطيني، عراقي  لکين جانين جي قربانين، شهرن جا شهر کنڊر ٿيڻ باوجود سينو ساهي بيهي رهيا آهن. جن انسان ذات جي تاريخ ۾ محڪوم قومن جي مزاحمت جو هڪ منظم ۽ غير متوازي جنگ جو روپ ڌاري ورتو آهي، هن مکيه محاذ جو ميدان هن وقت وچ اوڀر جي سرزمين بڻيل آهي. ايران جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هن ڳالهه کي چڱي ريت سمجهي چڪي آهي ته آمريڪي سامراج پيٽرو ڊالر ۽ پنهنجي مالياتي ڏاڍ مڙسيءَ کي هڪ جابراڻي هٿيار طور استعمال ڪندي دنيا جي مظلوم قومن جو معاشي قتلام ڪندو رهيو آهي، آمريڪي سامراج جي ديو جو ساھ پيٽرول ڊالر جي طوطي ۾ آهي، ان طوطي کي قابو ڪرڻ لاءِ پنهنجي وجود جي جنگ وڙهندي، هنن سڌي ۽ روايتي جنگ بدران هڪ اهڙي غير متوازي جنگ شروع ڪئي آهي. هيءَ جنگ  هن غاصباڻي نئين نوآبادياتي نظام کي اندران ئي کوکلو ڪري رهي آهي. ڪجهھ ڏينھن پھرين برطانيا جي جاسوسي ايجنسي جي رٽائرڊ سربراھ ‘اليڪس ينگر’ جنھن ايران جي انقلابي محافظن مٿان ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ پنھنجي ناجائز سامراجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قھري ڪارروايون ڪيون، ھڪ انٽرويو ۾ چيو ته ھاڻ ايران عالمي سامراج جي قومن کي غلام بنائيندڙ ۽ شديد مالياتي بحران باوجود آمريڪا کي مواڙھ رکندڙ  پيٽرو ڊالر ۽ عالمي توانائي جي وحشي ھٿيار کي سمجھي ورتو آھي، ۽  ان تي ئي حملا ڪرڻ شروع ڪيا اٿس. ھو جاسوس چوي ٿو ته نه چاھيندي به منھنجي وات مان ھي لفظ نڪرن ٿا ته ايران ۽ اسرائيل – آمريڪا جي جنگ ۾ ھن وقت ايران مٿڀرو آھي .

آمريڪا جي قومي دھشتگردي ٽوڙ اداري جي سربراھ جيو ڪينٽ 17 مارچ 2026ع تي استعفي ڏني، ٻئي ڏينھن تي ٽڪر ڪارلسن کي ھڪ ڊگھي انٽرويو ۾ چيو ته ھي معاملو رڳو ھرمز لنگھه جو نه آھي، جتان ايران ھنيئر آمريڪا ۽ انهن جي مددگارن کي لنگهڻ نه ٿو ڏئي پر ان سان عملي طرح پنهنجي ڳجهي جنگ جي ذريعي حوثين جي هٿان بحيره احمر ۽ باب المندب جي سامونڊي رستي تي قبضو ڪري چڪو آهي، جتان دنيا جو لڳ ڀڳ ٻارهن کان پندرهن سيڪڙو واپار گذري ٿو، ۽ جيڪو عالمي سيٺين جي سڀ کان حساس رڳ آهي. هن مطابق جي ايران کي آمريڪا اسرائيل ڪو موقعو ڏنو ته ايران دير نه ڪندو.

گذريل ٽن سالن ۾ يمن جي حوثين محڪوم قومن جي هن مزاحمتي قوت پنهنجي حقيقي ڇوٽڪاري لاءِ ڊرونز، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ننڍين ٻيڙين ذريعي سرمائيدارن جي ڪمرشل ۽ مال بردار جهازن کي نشانو بڻائي، کين اغوا ڪرڻ ۽ سمنڊ ۾ غرق ڪرڻ جهڙا قدم کنيا آهن. هنن حملن ايشيا ۽ آفريڪا جي وچين لنگھ، سئس ڪينال ذريعي يورپ سان ملندڙ، عالمي واپار ۾ شين کي مهيا ڪندڙ اهم رستي کي سڌو سنئون نشانو بڻائي تباهه ڪيو آهي، جنهن جديد بيٺڪيتي راڄ جي سپلاءِ شهه رڳ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. ان غلام ڪيل، دٻايل، ترقي کان محروم رکيل حوثين جي مزاحمت جي نتيجي ۾، دنيا جي وڏين شپنگ ڪمپنين کي پنهنجا رستا تبديل ڪري جهازن کي آفريڪا جي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ (Cape of Good Hope) کان ڦيرائي موڪلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سامراجي ملڪن جي سفري وقت ۾ ڏهن کان چوڏهن ڏينهن جو واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. هن سامونڊي سفر جي جبري ڊيگھه سبب جهازن جو تيل وڌيڪ سڙي رهيو آهي ۽ سامونڊي انشورنس ڪمپنين پنهنجا ريٽ ڏهوڻا وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ بحري مال برداري جا خرچ ۽ جنگي خطري جو پريميئم (War Risk Premiums) انتهائي وڌي ويو آهي. هن بي رحم مالياتي ڌچڪي ۽ ٽرانسپورٽ جي خرچ ۾ ملين ڊالرز جي واڌ سان گڏ مال جي پهچڻ ۾ دير سبب عالمي سپلاءِ شھه رڳ مڪمل طور تي ٽٽي چڪي آهي، جنهن يورپ ۽ آمريڪا جهڙين ظالم رياستن اندر درآمدي مهانگائي  جو هڪ اهڙو طوفان برپا ڪيو آهي، جو سندن استحصالي مرڪزي بئنڪون وياج جي شرحن کي گهٽائڻ کان قاصر ٿي پنهنجي ئي ٺاهيل سرمائيداراڻي ڄار ۾ تڙپي رهيون آهن. سندن مرڪزي بئنڪن جي چيلهه ڀڃي وڌي آهي.

ساڳئي وقت، عالمي سطح تي هن سامراجي هڪ ھٽي  کي ٽوڙڻ لاءِ چين ۽ روس جو ڪردار به تاريخي اهميت  وارو آهي، جتي چين پنهنجي مقامي ڪرنسي يوان ۾ سعودي عرب سميت عرب دنيا سان تيل جو واپار ڪري پيٽرو يوان جي نئين تصور کي جنم ڏنو ، جڏهن ته روس پنهنجي توانائي جو رخ ايشيا ڏانهن موڙي ڊالر تي بيٺل يورپي مالياتي ڍانچي کي سخت ڌڪ هنيو. ايران به هن سامراجي ڊالر جي قبضي کان پاسو ڪرڻ لاءِ چين کي يوان ۾ تيل وڪرو ڪري بارٽر سسٽم ذريعي پنهنجي ڇوٽڪاري جو رستو هموار ڪيو، جنهن عملي طور تي ثابت ڪيو آهي ته مغربي مالياتي نظام جي هيءَ نام نهاد ۽ جابراڻي جوڙجڪ اندران ڪيتري قدر ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي ٽٽڻ جي ڪناري تي بيٺل آهي. هي سمورو منظرنامو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پيٽرو ڊالر جي ڀت هاڻي ڪري رهي آهي، ۽ ان جو سڌو اثر آمريڪي معيشت جي ان ڦاٽندڙ بم تي پوندو .

پيٽرو ڊالر جي هن خونخوار ۽ نئين نوآبادياتي نظام جي ڪهاڻي پنهنجي منطقي ۽ عبرتناڪ انجام ڏانهن تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن جو سڌو سنئون لاڳاپو عالمي سامراج جي ان 39 ٽريلين ڊالرن جي موتمار قومي قرض سان ڳنڍيل آهي. آمريڪي سامراجي پاليسي سازن پنهنجي جابراڻي بالادستي ۽ ملٽري انڊسٽريل ڪامپليڪس جو سمورو دارومدار ان ڳالهه تي رکيو آهي ته دنيا جي مظلوم قومن کي سندن ڇاپيل ڪاغذي ڊالرن تي مجبوراً اعتبار ڪرڻو پوي، جنهن ذريعي آمريڪا کي پنهنجي وڏي بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ عرب ملڪن کان انتهائي سستي اگھه تي قرض ملي سگهي. هي هٿرادو مالياتي گهرج اصل ۾ پوري دنيا جي پورهيتن جي پگهر جي ڦرلٽ آهي، جنهن جي خاتمي سان آمريڪي معيشت جو سمورو ڪوڙو ڍانچو تاش جي پتن وانگر ڪِري پوندو، جيئن اقتصاديات جي ماهر جيفري ساڪس واضح ڪيو آهي ته پيٽرو ڊالر جو زوال ڪو معمولي معاشي ڌچڪو نه پر هڪ تباهي آڻيندڙ طوفان هوندو جنهن سان آمريڪي خزاني جي گهرج مڪمل طور تي غائب ٿي ويندي. ان غرق ٿيندڙ ٻيڙي مان جيئن ئي پرڏيهي سيڙپڪار فرار ٿيندا، تيئن آمريڪا تي پنهنجي ئي بڇيل استحصال جي موٽ ٿيندي، جيڪا کيس تاريخ جي بدترين ٻه واٽي تي آڻي بيهاريندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.