مالي گهرجون ۽ عالمي صورتحال،شهزادي محمد بن سلمان جو ويزن 2030 رولڙي جو شڪار!

رياض (ويب ڊيسڪ) اٽڪل هڪ ڏهاڪو اڳ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان (ايم بي ايس) پنهنجي ملڪ لاءِ هڪ نئين تصوراتي جوڙجڪ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي ”ويزن 2030“ جو نالو ڏنو ويو هو.
هي ميگا منصوبا نه رڳو سعودي عرب پر دنيا لاءِ به ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان انتهائي حيران ڪندڙ هئا، جن جو بنياد سعودي عرب جي ”پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ“ (پِي آءِ ايف ) جي هڪ سئو هزار ارب ڊالرز جي دولت تي رکيو ويو هو.
پر هاڻي، 2030 اچڻ ۾ رڳو چار سال باقي هئڻ باجود اهي منصوبا رولڙي جو شڪار نظر اچي رهيا آهن، جنهن جو هڪ اهم ڪارڻ مالي گهرجون آهن، وچ اوڀر ۾ جنگ کان اڳ تيل جي اگهن ۾ لاٿ سعودي عرب جي غير معمولي دولت کي متاثر ڪيو، جڏهن ته جنگ سبب پيدا ٿيل غير يقيني واري صورتحال پڻ سعودي آمدني ۽ خرچن آڏو بند ٻڌي ڇڏيو آهي.
ويزن 2030 جا ڪيترائي نمايان منصوبا هاڻي يا ته محدود ڪيا ويا آهن، يا ڪم روڪيو ويو آهي يا وري مڪمل طور تي ختم ڪيا ويا آهن.

ڪهڙا منصوبا متاثر ٿيا آهن؟
دي لائين: 161 ڪلوميٽر ڊگهي پٽي تي ٻڌل هن شهر جو تصور هاڻي گهڻو سادو ڪيو پيو وڃي.
ٽروجينا: جبلن ۾ برفاني تفريحي مرڪز واري رٿا محدود ڪئي وئي آهي، 2029 جون ايشيئن ونٽر گيمز هاڻي قازقستان ۾ ٿينديون.
دي ڪيوب: 50 ارب ڊالرن جي لاڳت وارو هي منصوبو مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي.
ليو گالف : هن منصوبي کي هاڻي هڪ مهانگي ۽ ناڪام ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن تي 5 ارب ڊالر خرچ ٿيڻ باوجود ڪو به ذڪر جوڳو مالي يا ساک جو فائدو نه ٿيو.
سعودي انڪارپوريٽڊ جي ليکڪ ايلن آروالڊ جو چوڻ آهي ته ”هي ساڳي پراڻو طريقو آهي ته وڏا اعلان ڪيا وڃن ٿا، پر يا ته اهي منصوبا نٿا ٺهن يا انهن کي تمام محدود انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ٿو.“
سندن چوڻ آهي ته سعودي انتظاميا ان منصوبن جي مارڪيٽ ۾ گنجائش جو درست ڪاٿو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جتي ”ها ۾ ها ملائڻ“ واري ذهنيت موجود آهي.
معاشي ماهر غانم نصيبيه جو چوڻ آهي ته محمد بن سلمان کي هڪ اهڙو نظام ورثي ۾ مليو جيڪو جديد دنيا کان ڪٽيل هو، پر انهن سڌارن کي هڪ ئي وقت لاڳو ڪرڻ وارو عمل انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو.
ويزن 2030 کي بچائڻ جي ڪوشش
سعودي اختيارين هاڻي پنهنجي حڪمت عملي کي تبديل ڪري رهيون آهن. پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ هاڻي وڏن ميگا منصوبن بدران ”ننڍين ۽ عمل جوڳين ڪاميابين“ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.