ڄام صنم سنڌي جو جنم ڏينهن ۽ سندس قلمي بحالي جو مليل تحفو

تحرير: زرار پيرزادو

¨ رت جا رشتا ڇا ٿيندا آهن، جيڪر ڪير وڃي ڄام صنم سنڌيءَ کا پڇي ۽ هُوءَ ٻڌائي ته رت جا رشتا ئي ساهه جا ٿنڀا ۽ ٿوڻيون هونديون آهن ۽ جيڪڏهن اهي ساهه جا ٿنڀا ۽ ٿوڻيون  ڪري پونديون آهن ته ماڻهن جو وجود ئي ڪنهن جهڳيءَ وانگر ڊهي پٽ ٿي ويندو آهي.

¨  پر ايئن به هرڪو محسوس ناهي ڪندو، عام ماڻهو رت جي رشتن هوندي به ان غنيمت کي ناهن سمجهندا پر ڄام صنم سنڌي جو ڪٽنب انهن ڪٽنبن مان هڪ آهي جيڪي رت جي رشتن  کي ئي جياپي جي آڪسيجن سمجهندا آهن.

¨ رت  جي رشتن جي حوالي سان ڄام صنم سنڌيءَ جو ذڪر اڄ ان ڪري ڪريون پيا جو اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ ان خاندان ۾ صرف ان نياڻيءَ جو  جنم ڏينهن ملهايو ويندو هو جيڪا گهر جي هر ڀاتيءَ جي ”چندا“ هئي ۽ آهي.

¨  پر گذريل ڪجهه سال ڄام صنم سنڌي تي قيامت بڻجي برپا ٿيا آهن. سندس والده ۽ وري سندس ماءُ ۽ رهنما جهڙي وڏي ڀيڻ رضيه جي لاڏاڻي کان پوءِ ڄام صنم سنڌي جو وجود ئي ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويو.

¨  ڀيڻ جي لاڏاڻي کان پوءِ هُوءَ قلمي ۽ ميڊيا جي دنيا کان ئي ڪٽجي وئي ۽ صدمن جي هڪ اهڙي موتمار  جهان ۾ هلي وئي جتي کيس ڪنهن جو به سڏ نه پيو پهچي جيڪو کيس پيڙائن جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي. جيڪڏهن ڪو آواز سندس تائين پهچي به پيو ته اهو اڻ ٻڌو ٿي پئي وريو.

¨  اهڙي ٻاٽ اونداهي مان وري به جيڪڏهن کيس ڪڍڻ ۾ ڪير ڪامياب ٿيو، کيس حوصلو ڏنو ۽ قلم هٿ ۾ پڪڙائي لکائڻ جو عمل بحال ڪيو ته اها به سندس وفات ڪيل ڀيڻ رضيه هئي ۽ لکڻ جو موضوع به اها ئي هئي. ڄام صنم سنڌيءَ  ٻن سالن کان پوءِ پنهنجي ڀيڻ جي جنم ڏينهن  تي ئي سالگرهه مبارڪ چوڻ لاءِ قلم کنيو ۽ عوامي آواز اخبار ڏانهن ڪالم موڪلي شايع ڪرايو.

¨  ڇا ته ڪالم هو. مان سمجهان ٿو ته نثر جي حساب سان اهو ڪالم ڄام صنم سنڌيءَ جو ماسٽر پيس هو. لکي ٿي ته: لڳ ڀڳ ٻن سالن کان پوءِ اڄ جڏهن ڪالم لکڻ لاءِ قلم کنيو ته ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سڀ اکر اڻ ڏٺل، اڻ سڃاتل ۽ اڻ ٻڌل هجن. سوين ڪالمن کي سرجڻ باوجود نه ته اڄ اها جادو ئي رواني آهي جيڪا اڳ هوندي هئي نه وري خيالن جي فراواني. بس اکين مان وهندڙ لڙڪن جيان قلم مان نڪرندڙ مس ڄڻ دل مان نڪتل نيرن ۾ ٻڌل سياهي آهي جنهن جي اکر اکر ۾ ڏک ۽ وڇوڙي جي ڪاراڻ ڇانيل آهي ڇو ته ڪي تاريخون ۽ ڏينهن دل ۾ گهري گهاءُ جيان هميشه لاءِ ياد رهجي ويندا آهن. اهڙو گهاءُ  جنهن کي دنيا جو ڪو به مرهم ڪڏهن به ڀري ناهي سگهندو، اهي زخم زندگي جي اختتام تائين گڏ رهندا، جهرندا ۽ جهوريندا رهندا آهن.“

¨  وڌيڪ لکي ٿي ته: ” جيڪڏهن مون کي آپي جهڙي ڀيڻ  نه هجي ها ته اڄ مان ٽن ڪتابن ته ڇا ٽن اکرن جي به خالق بڻجي نه سگهان هان.“ بلڪل ائين ئي آهي. ڀيڻ جي لاڏاڻي جي ٻن سالن کان پوءِ جيڪڏهن صنم سنڌيءَ قلم کنيو ته اهو به ڀيڻ جي سالگرهه جي موقعي تي. ان ڪالم جو عنوان هو  ” منهنجي آپي! توکي جنت ۾ جنم ڏينهن مبارڪ هجي.“

¨ ان ڪالم جي آجيان ڪندي مون ڄام صنم سنڌي صاحبه کي پرسنل ميسيج ڪيو ته ” اوهان جي هن شاعراڻي نثر ته درد جون نديون وهائي ڇڏيون آهن  سو مون کي لڳي ٿو ته هيءَ اوهان جي لکڻي نه پر اوهان جي پياري ڀيڻ جي روحاني طاقت آ جيڪا اوهان جي قلم ۾ اوتي وئي آهي.“

¨ ڄام صنم سنڌيءَ پنهنجي ڀيڻ جي هن مهيني ئي پهرين اپريل تي ٿيل سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيل ڪالم ۾ اهو به لکيو هو ته ” گهر ۾ صرف منهنجي ئي سالگرهه ڀرپور نموني ملهائي ويندي هئي پر امان کان پوءِ مون اها ملهائڻ بند ڪري ڇڏي تڏهن به آپيءَ امان بڻجي سالگرهه ملهائڻ شروع ڪئي.“

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته  مون کي به لڳي ٿو ته سندس آپي رضيه مورائي صاحبه روحاني طور رابطو ڪري پنهنجي پياري ”چندا“ جي اڄوڪي سالگرهه تي حجت منجهان مون کان هي ڪالم لکرايو آهي جيڪو مان ڄام صنم سنڌي جي ڀيڻ رضيه مورائي کي منسوب ڪريان ٿو جنهن ڄام صنم سنڌيءَ کي گمنامي واري زندگي مان ڪڍي وري قلمي راهون ڏيکاري تحفو ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.