جهاز جي معاملي تي مريم نواز تي هروڀرو تنقيد ڪئي پئي وڃي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مريم نواز کي سرڪاري جهاز جي معاملي تي بنا جواز تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ٻين صوبن جا وڏا وزير به ان سهولت مان فائدو کڻندا آهن.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن وٽ سرڪاري جهاز موجود آهن ۽ هيلي ڪاپٽر به آهن پر رڳو مريم نواز کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اها سياسي بدنيتي آهي.
هن چيو ته ڪو نئون جهاز خريد نه ڪيو ويو پر اڳ کان موجود جهاز جي مرمت ۽ جديد سهولتون شامل ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.