ارينج ميرج وڌيڪ ڪامياب ٿيندي آهي يا لَو ميرج، اهو بحث صدين کان جاري آهي ۽ ان جو ڪو حتمي جواب ناهي ملي سگهيو.
پر سائنسدان بحث جي بنياد تي نه انگن اکرن جي بنياد تي فيصلو ڪندا آهن.
ماهرن جي مختلف تحقيقن موجب جڏهن توهان پنهنجي پسنديده شخصيت کي جيون ساٿي بڻائيندا آهيو ته زندگي جنت جو نمونو بڻجي ويندي آهي.
اهڙي دعويٰ تي ماهرن جيڪي نڪتا پيش ڪيا آهن، اهي هيٺ بيان ڪجن ٿا.
شادي انسان جي زندگي ۾ ذهني ۽ جسماني صحت جي حوالي سان مختلف تبديلين جو سبب بڻجندي آهي.
محققن جي نظر ۾ جيڪڏهن پسند جي شادي ڪئي وڃي ته اها وڌيڪ خوشي جو ڪارڻ هوندي آهي، لَو ميرج ڪندڙ ارينج ميرج ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوش رهندا آهن.
شادي لاءِ سڀ کان ضروري ڇا هوندو آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هوندو ته دولت، تعليم، خوبصورتي وغيرا وغيرا پر حقيقي معنيٰ ۾ جيڪا شئي شادي لاءِ سڀ کان ضروري هوندي آهي، اها هوندي آهي ذهني هم آهنگي.
وڏن وڏن بنگلن ۾ رهڻ باوجود ۽ قيمتي لباس توڙي دنيا جي هر سهولت حاصل ڪرڻ باوجود شادي شدا جوڙي کي حقيقي خوشي ان وقت ئي حاصل ٿيندي آهي، جڏهن زال ۽ مڙس ۾ ذهني هم آهنگي، محبت ۽ پيار موجود هجي، جيڪڏهن توهان پنهنجي چاهيندڙ شخصيت کي جيون ساٿي بڻايو ته ڪنهن تاج ۽ تخت جي ضرورت ناهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني رويو هڪ انتهائي غير يقيني شئي آهي، ان حوالي سان حتمي فيصلو ڪرڻ ممڪن ناهي پر اڪثريتي جوڙن جي ازدواجي زندگي جو جائزو وٺي نتيجا ڪڍيا ويا آهن ته پسند جي شادي ڪندڙ وڌيڪ خوش رهندا آهن.
ڪجهه جوڙا اهڙا به آهن، جيڪي انهن نتيجن تي پورا نٿا لهن پر ان صورت ۾ نتيجن کي غلط نٿو چئي سگهجي، ان جي ذميواري انساني روين تي لاڳو ٿئي ٿي.
You might also like