آمريڪا ڳاڙهي لڪير اورانگهي ته ردعمل خطي کان ٻاهر هوندو: پاسداران انقلاب

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته صبر جو وقت ختم ٿي ويو، آمريڪا ڳاڙهي لڪير اورانگهي ته ردعمل خطي کان ٻاهر هوندو.
پاسداران انقلاب موجب آمريڪا جي ڀائيوارن جي انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻائينداسين، آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ورهين تائين خطي جي تيل ۽ گيس کان محروم رهندا.
پاسداران انقلاب چيو آهي ته آمريڪا جا علائقائي ڀائيوار ڄاڻي وٺن ته اسان پاڙيسري هجڻ سبب صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، آمريڪي اڳواڻ نٿا ڄاڻين ته انهن جا ڪيڏا وڏا اثاثا اسان جي پهچ ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.