ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارت جي اڀرندڙ اداڪارا سباشيني بالا سبرامنيم پنهنجي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
36 ورهين جي اداڪارا چنئي ۾ پنهنجي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي، هوءَ شوٽنگ جي سلسلي ۾ اتي ترسيل هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب شروعاتي شاهدين مان لڳي ٿو ته واقعو خودڪشي جو آهي پر حتمي ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي کان اڳ اداڪارا جو پنهنجي مڙس بيپن چندرن سان گهريلو تڪرار ٿيو هو.
You might also like