اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سعودي عرب تي تازي حملا مسلم امت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو آمريڪي ۽ اسرائيلي منصوبو آهي.
جمعيت علماءِ اسلام جي اجلاس جي صدارت ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان انهن حملن کي سعودي عرب جي خود مختياري ۽ سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي سمجهون ٿا، اسان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي سعودي قيادت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا.
هن چيو ته اسان پهرئين ڏينهن کان آمريڪي پٺڀرائي ۾ اسرائيل جي فلسطينين خلاف جارحيت جي مخالفت ڪئي، اسان اسرائيل جي عرب دنيا ۽ ايران تائين قبضي واري عزمن جي ڀرپور مخالفت ڪئي.
سندس چوڻ هو اسان هر هر نشاندهي ڪري رهيا آهيون ته اسلامي ملڪن کي پاڻ ۾ صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻو آهي، اسلامي ملڪن کي اسرائيل خلاف يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اسلامي ملڪن کي هڪ اسلامي بلاڪ جوڙڻو پوندو.
”سعودي تي حملا مسلم امت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو منصوبو آهي، اسلامي ملڪن کي ٻڌي ڪرڻي پوندي“
Next Post
You might also like