ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ برسات جي حوالي سان آگاهي ڏئي ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي، گڏوگڏ موسميات کاتي سنڌ ۾ گرمي پد ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 10 اپريل کان گرمي پد وڌڻ شروع ٿي ويندو، ان دوران گرمي پد 34 ڊگري يا ان کان وڌيڪ تائين وڃڻ جو به امڪان آهي، اپريل جي آخري ڏينهن ۾ هيٽ ويو جو به امڪان آهي.
You might also like