ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر تي ڪيس داخل

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب ڊيوڊ وارنر تي شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ جو الزام آهي، سڊني جي علائقي ماروبرا ۾ پوليس گاڏي هلائيندي ڊيوڊ وارنر جي ٽيسٽ ڪئي، ڊيوڊ وارنر پوليس جي ٽيسٽنگ سينٽر کان اڳ ئي گاڏي روڪي پر اهلڪارن سندس بريٿ ٽيسٽ ورتي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچڻ تي پوليس ڊيوڊ وارنر خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڊيوڊ وارنر کي نيو سائوٿ ويلز پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو هو.
ميڊيا رپورٽ موجب ڊيوڊ وارنر کي 7 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، هو ڪجهه ڏينهن موڪل تي آسٽريليا ويو هو ۽ کيس 9 اپريل تي ٻيهر ٽيم جوائن ڪرڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.