ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار اريجيت سنگهه ابوظهبي ۾ ٿيل هڪ ڪنسرٽ دوران پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم ۽ شفقت امانت علي جي واکاڻ ڪري سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
ڪنسرٽ دوران اريجيت سنگهه بالي ووڊ فلم ”ريس“ جو مشهور گيت ” پهلي نظر “ ۾ ڳايو، جيڪو اصل ۾ پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم ڳايو هو.
پرفارمنس دوران اريجيت سنگهه حاضرين کان سوال ڪيو ته ”ڇا ڀارت ۾ اڃا به پاڪستاني گيتن بندش آهي؟“ هو خبرون ناهي ٻڌندو، پر ان حوالي سان ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
اريجيت سنگهه ان موضوع کي ”حساس“ قرار ڏيندي چيو ته کيس ان تڪرار جي ڳڻتي ناهي.
هن اسٽيج تي چيو ته ”مون کي ڪو فرق نٿو پوي، عاطف اسلم منهنجي پسنديدا گلوڪارن منجهان هڪ آهي.“
ان کانپوءِ هن پاڪستاني گلوڪار شفقت امانت علي جو نالو کڻي سندس موسيقيءَ جي به واکاڻ ڪئي، جنهن تي سمورو پنڊال تاڙين سان گونجڻ لڳو.
ڪنسرٽ جون وڊيوز انسٽاگرام، ايڪس ۽ ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ٿي ويون آهن، جتي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي واهپيدار اريجيت سنگهه جي بيان کي ساراهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي خاص طور تي اريجيت سنگهه جي بي باڪ انداز کي پسند ڪيو ويو ۽ مداحن عاطف اسلم لاءِ سندس کليل تعريف کي ساراهيو.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ” ”حقيقي فنڪار ئي حقيقي فنڪارن جي عزت ڪندا آهن“ ۽ ”موسيقيءَ جي ڪا به سرحد نه هوندي آهي.“
پاڪستاني مداحن لاءِ هي لمحا ان ڪري به خاص رهيا ڇاڪاڻ ته عاطف اسلم جو ڳاڻيٽو هاڻ دنيا ۾ ڏکڻ ايشيا جي مقبول ترين گلوڪارن ۾ ٿئي ٿو، ان باوجود جو ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پاڪستاني فنڪارن تي ڊگهي عرصي کان پابنديون موجود آهن.
ٻئي پاسي ڪيئي ڀارتي مداحن به اريجيت سنگهه جي بيان جي حمايت ڪندي چيو ته سندس خيال حقيقت ۾ موسيقي سان چاهه رکندڙ ماڻهن جي جذبن جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي خاموشيءَ سان پاڪستاني فنڪارن کي پسند ڪن ٿا.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو بابت واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ان جو ڪارڻ تڪرار نه پر سرحد پار فنڪارن وچ ۾ احترام جو جذبو آهي.