حڪومت جي عوام تي پيٽرول بمباري جاري آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو 19 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچڻ ۽ هر پاڪستاني جو ساڍا ٽي لک روپين جو قرضي ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ مهانگائي گهٽجڻ توڙي معاشي ترقي جي دعوائن جي ترديد آهي. شريف حڪومت جي پيٽرول بمباري عوام کان جيئڻ جو حق کسي وٺڻ جي برابر آهي.  دنيا کان وياج تي قرض وٺڻ سان ملڪ نه هلندو. حڪومت جي عوام دشمن قدمن خلاف جماعت اسلامي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. پيٽرول جي قيمت گهٽائي وڃي ۽ فوري طور تي پيٽروليم مصنوعات مٿان عائد ليوي ختم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جتي جنگ ٿي رهي آهي، اتي به حالتون معمول مطابق هلن پيون، پر هتي قوم مٿان فارم47 ذريعي مڙهيل جعلي حڪمران ٽولي جنگ جو سبب ڄاڻائي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي جواز بڻائي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن توڙي کير سميت روزمره جي شين جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو عوام کي جيئري زمين ۾ دفن ڪرڻ جي برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.