سعودي عرب ۽ يو اي اي پاڪستان ۾ ڊپازٽ ته رکرائي پر سيڙپ ڪاري نه ڪئي:وفاقي وزير

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) بورڊ آف انويسٽمينٽ جي وفاقي وزير بورڊ آف انويسٽمينٽ قيصر احمد شيخ چيو آهي ته عرب ملڪن پاڪستان ۾ ڊپازٽس ته رکيا آهن، پر اتان هڪ ارب ڊالر جي به سڌي سيڙپڪاري نه آئي آهي۔هڪ نيوز پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن ٽرمپ صدارت سنڀالڻ بعد عرب ملڪن جو دورو ڪيو، ته انهن ملڪن لڳ ڀڳ 2 هزار ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جون واعدا ڪيا، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا هئا ته آمريڪا کين سيڪيورٽي فراهم ڪندو۔وفاقي وزير موجب پاڪستان سان دوستي ۽ لاڳاپن باوجود سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ڊپازٽس ته رکرايا، پر سڌي سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالر به نه آئي۔ هن چيو ته سيڙپ صرف لاڳاپن جي بنياد تي نه ايندي آهي، پر سيڙپڪار پنهنجي مفادن ۽ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏيندا آهن۔وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايران خلاف جنگ ٽن هفتن ۾ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، ۽ ايران تي گذريل 48 سالن کان لڳل پابنديون به ختم ٿي سگهن ٿيون۔هن چيو ته پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ايران کي چانور ۽ بلڊنگ ميٽيريل برآمد ڪري سگهي ٿو۔ سندس چوڻ موجب مستقبل ۾ سيڙپڪاري وڌڻ، مهانگائي گهٽجڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي۔وفاقي وزير ان کي ايندڙ وقت لاءِ مثبت پيش رفت قرار ڏيندي چيو ته علائقائي حالتون بهتر ٿيڻ سان معاشي سرگرمين ۾ بهتري ايندي ۽ پاڪستان کي به ان جا فائدا ملندا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.