تهران جي يونيورسٽي تي حملو ٽرمپ جي حماقت آهي:رضا عارف

تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف چيو آهي ته تهران جي شريف يونيورسٽي تي بنڪر بشڪ بم سان حملو ڪيو ويو، جيڪو ٽرمپ جي “حماقت” کي ظاهر ڪري ٿو۔سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” تي بيان ڏيندي هن چيو ته صدر ٽرمپ اهو نه ٿوسمجهي ته ڪنڪريٽ کي تباهه ڪرڻ سان ايران جو علم ختم نٿو ٿي سگهي، هن وڌيڪ چيو ته ايران جي اصل طاقت ان جا پروفيسر ۽ دانشور آهن،۽ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته ڪنهن به قسم جي بربريت ايران کان علم جي طاقت کسي نه سگهي آهي۔رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ايران تي بمباري دوران تهران جي شريف يونيورسٽي ۽ گيس ڊسٽريبيوشن اسٽيشن کي نقصان پهتو، جنهن سبب ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيس جي فراهمي معطل ٿي وئي۔ حملن ۾ يونيورسٽي جو انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر ۽ مسجد به متاثر ٿيا۔ٻئي پاسي ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته شهري انفراسٽرڪچر بابت ٽرمپ جون ڌمڪيون “جنگي ڏوهن” جي برابر آهن ۽ گڏيل قومن جي آرٽيڪل 2 (شق 4) جي خلاف ورزي آهن، جيڪو ڪنهن به رياست جي علائقائي سالميت خلاف طاقت جي استعمال يا ڌمڪي کي منع ڪري ٿو۔هن چيو ته ايران ڪنهن به جارحيت جو “فيصلا ڪن ۽ فوري جواب” ڏيندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.