اسلام آباد(م ڊ) دفاعي تجزيه نگار ايئر مارشل رٽائرڊ ارشد ملڪ چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران ۾ زميني فوجون لاٿيون ته آمريڪا کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي، ايئر مارشل رٽائرڊ ارشد ملڪ چيو ته ايران مان ايترا تابوت واپس ڪيا ويندا جو آمريڪين لاءِ انهن کي ڳڻڻ ڏکيو ٿي پوندو. پروگرام ۾ ڳالهائيندي، ميزائل ٽيڪنالاجي جي ماهر ايئر ڪموڊور (ر) محمد ابراهيم آمريڪي ميڊيا جي ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو ته ايران اتر ڪوريا جي ميزائلن کي استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ايران وٽ پنهنجي ميزائل ٽيڪنالاجي ۽ صلاحيتون آهن.