ڪراچي(عوامي آواز نيوز)وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ ايران پاران آبناءِ باب المندب کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي عالمي واپار، توانائي جي ترسيل ۽ معاشي استحڪام جي حوالي سان شديد خدشن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، ڇو ته جيڪڏهن هي اهم سامونڊي گذرگاهه آبناءِ هرمز سان گڏ بند ٿي وڃي ٿي ته دنيا جي لڳ ڀڳ هڪ چوٿائي توانائي جي سپلاءِ ۽ ايشيا کان يورپ ويندڙ وڏي واپاري ترسيل معطل ٿي سگهي ٿي، ايراني سپريم ليڊر جي ويجهي صلاحڪار ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير علي اڪبر ولايتي واضح طور اشارو ڏنو آهي ته ايران جا اتحادي، جن کي “محاذِ مزاحمت” چيو وڃي ٿو، باب المندب کي به ساڳي نموني ڏسن ٿا جيئن آبناءِ هرمز کي، ۽ جيڪڏهن واشنگٽن پنهنجي پاليسين ۾ سختي جاري رکي ته عالمي واپار ۽ توانائي جي وهڪري کي هڪ ئي قدم سان متاثر ڪري سگهجي ٿو، باب المندب جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کي نارعدن سان ملائي ٿو ۽ يمن، جبوتي ۽ اريٽيريا جي وچ ۾ واقع هڪ نهايت تنگ پر انتهائي اهم گذرگاهه آهي، عالمي تيل ۽ واپاري رستن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، خاص طور تي ان وقت جڏهن آبنائي هرمز جي چوڌاري اڳ ئي غير يقيني صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جتان امن جي زماني ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ گيس جي ترسيل ٿيندي رهي آهي، 2024ع جي انگن اکرن مطابق لڳ ڀڳ 4.1 ارب بيرل خام تيل ۽ ريفائن ٿيل شيون هن رستي مان گذريون جيڪي عالمي سپلاءِ جو لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو بڻجن ٿيون، جڏهن ته مجموعي عالمي واپار جو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو به هن ئي رستي مان گذري ٿو، جنهن ۾ چين، ڀارت ۽ ٻين ايشيائي ملڪن کان يورپ ويندڙ ڪنٽينر شپنگ شامل آهي، جيڪڏهن باب المندب ۽ هرمز ٻئي هڪ ئي وقت بند ٿي وڃن ته نه رڳو توانائي جي عالمي سپلاءِ جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو رڪي سگهي ٿو پر يورپ ڏانهن واپاري سرگرميون به شديد متاثر ٿي سگهن ٿيون، هن صورتحال ۾ سعودي عرب جهڙن ملڪن اڳ ئي متبادل رستن تي انحصار وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور تي اوڀر کان اولهه تائين پکڙيل پائيپ لائين ذريعي 1200 ڪلوميٽر ڊگهي نيٽ ورڪ سان تيل کي ينبع بندرگاهه تائين منتقل ڪيو پيو وڃي، جتان باب المندب ذريعي برآمد ڪيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن اهو ئي رستو به غير محفوظ ٿي وڃي ته عالمي منڊين ۾ توانائي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ايران جي حمايت يافته حوثي باغين ماضي ۾ هن گذرگاهه کي نشانو بڻائي پنهنجي صلاحيت جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي، خاص طور تي غزه جنگ دوران هنن اسرائيل ۽ آمريڪا سان لاڳاپيل جهازن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب انشورنس لاڳت وڌي وئي ۽ جهاز راني محدود ٿي وئي، تازن ڏينهن ۾ به حوثين پاران ميزائل ۽ ڊرون حملن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن به وقت هن رستي کي ٻيهر غير محفوظ بڻائي سگهن ٿا، ماهرن مطابق جيڪڏهن حوثي واقعي مڪمل طور جنگ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ته باب المندب جي ناڪه بندي سندن سڀ کان اثرائتو هٿيار ٿي سگهي ٿي،