سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو )سکر جي باگڙجي ٿاڻي جي حد جي حدن ۾ واقع ڳوٺ نڀائو جتوئي باگڙجي ٻيلي ۾ پراڻي ڪارنهن دشمني جي نتيجي ۾ فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، ان سلسلي ۾ عطراڻي جتوئي ۽ ڪائماني جتوئي برادرين وچ ۾ پراڻي دشمني تڪرار تان عطراڻي جتوئي برادري جي نامعلوم ماڻهن ڪائماني جتوئي برادري جي زمين تي ڪم ڪندڙ ماڻهن تي اوچتو فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ رسول بخش عرف بلي ولد فتح شير ڪائماني جتوئي (عمر لڳ ڀڳ 55/56 سال) گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته علي بهر ولد رسول بخش گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، ان ڏس ۾ ذريعن موجب واقعي بعد حملي ڪندڙ نامعلوم ماڻهو گهر مان مينهون به پاڻ سان گڏ ڪاهي فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهچي لاش ۽ زخمي کي فوري طور سرڪاري اسپتال باگڙجي منتقل ڪيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.